Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪرپٽ ۽ فرسوده نظام جو خاتمو ڪري پاڪستان کي خودمختيار رياست بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. جنيد فهمي ۽ محمد ارشد حسين.


 Posted on: 6/13/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪرپٽ ۽ فرسوده نظام جو خاتمو ڪري پاڪستان کي خودمختيار رياست بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. جنيد فهمي ۽ محمد ارشد حسين.
اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي تحت 16 شهرن ۾ تقريبن کي خطاب.
شڪاگو؛ 13 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي آمريڪا ۾ قائم انٽرنيشنل يونٽ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جو 36 هون يوم تاسيس يوم عزم جي طور تي  وڏي جذبي سان آمريڪا جي 16 شهرن ۾ ملهايو ويو. ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ اجتماعن ۾ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ۽ ٻين کان علاوه آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي جنيد فهمي اجتماعن کي خطاب ڪندي چيو ته اي پي ايم ايس او جي آغاز کان وٺي ايم ڪيو ايم جي قيام تائين ۽ اڄ تائين جو سفر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظرئي جي سچائي ۽ انهن جي تعليمات جي بدولت ئي ممڪن ٿي سگهيو آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته ڪراچي يونيورسٽي کان اٿندڙ حق جي آواز اڄ سڄي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلومن جي حقن جي لاءِ منظم آواز بڻجي چڪي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان کان ڪرپٽ فرسوده نظام جو خاتمو ڪري پاڪستان کي خود مختيار رياست بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ انهن سان پاڪستان جي مظلومن جون دعائون گڏ آهن اجتماعن کي جوائنٽ انچارج ارشد حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مظلوم ۽ پسيل طبقي کي اي پي ايم ايس او جي  36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هڪ عظيم مدبر ۽ دانشور رهنما جي طور تي سڃاتا وڃن ٿا. جن پاڪستان جي سلامتي و بقا کي لاحق خطرن کان ڪيترائي سال اڳ ئي آگاھ ڪري چڏيو هو. يوم تاسيس جي اجتماعن کي ٻين ذميوارن به خطاب ڪيو. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي جلد و مڪمل صحتيابي ۽ پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*

4/28/2024 4:01:56 AM