Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امجد صابري شهيد جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جون سازشون شروع ڪيون ويون آهن.گلفراز خان خٽڪ


امجد صابري شهيد جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ  جون سازشون شروع ڪيون ويون آهن.گلفراز خان خٽڪ
 Posted on: 7/24/2016
امجد صابري شهيد جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ  جون سازشون شروع ڪيون ويون آهن.گلفراز خان خٽڪ
ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شڪيل اوج ۽ نعمت رنڌاوا ايڊووڪيٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن جي قتلن ۾ به پهرين ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو ويو هو
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 24 جولائي 2016 
     ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ ايم ڪيو ايم کي امجد صابري جي قتل ۾ ملوث ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  امجد صابري جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جون سازشون شروع ڪيون ويون آهن. انهن چيو ته امجد صابري جو قتل ڪرايو ئي ان جي ڪري ويو هو جو اهو قتل به ايم ڪيو ايم جي مٿي تي ٿوپي ڪري ان  جي خلاف هڪ وڏو آپريشن ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان، ساٿي اسحٰق ۽ عمران محمود صديقي جي گهر واري به موجود هئي. گلفزار خان خٽڪ ڪيو ته جڏهن کان ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته ان کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان کي عوام جي نظرن ۾ بدنام ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف طرح طرح جون سازشون ڪيون وينديون رهيون آهن  ۽ ايم ڪيو ايم مخالف قوتن ۽ ايجنسين جي طرفان ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر واقعي جو الزام ايم ڪيو ايم جي مٿي تي ٿوپيو وڃي. انهن چيو ته جيئن جو ماضي ۾ به ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر واقعي ۾ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو  ويندو رهيو آهي ۽ هاڻي به اهي ئي سازشون شروع ڪيون ويون آهن. انهن چيو ته حق پرست قوال امجد صابري شهيد جو تعلق هڪ مهاجر گهراڻي سان هو ۽  اهي مهاجرن جي سڃاڻپ هئا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم دشمنن جي پهرين ڏينهن کان ئي اها ڪوشش هئي ته انهن جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو وڃي ۽ انهي سازش جي تحت امجد صابري کي شهيد ڪيو ويو ته انهي ئي ڏينهن هڪ مشڪوڪ شخص جي سڃاڻپ جي باري ۾ چيو ويو ته انهن جي لساني سڃاڻپ اردو اسپيڪنگ آهي. انهن چيو ته ان ڳالھھ مان عوام پاڻ ئي اندازو ڪري سگهن ٿا ته پهرين ئي ڏينهن کان ان واقعي ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي سازش شروع ڪئي وئي هئي. انهن چيو ته جنهن شخص جي باري ۾ چيو ويو ته اهو اردو اسپيڪنگ آهي ۽ اهو ئي امجد صابري جي قتل ۾ ملوث آهي. ته ان جي ٻئي ئي ڏينهن هڪ بلوچ عورت اچي ڪري چيو ته اهو انهن جو پٽ آهي جيڪو ڪيترن ئي ڏينهن کان لاپتا آهي ۽ ان عورت جو اهو  بيان به ميڊيا تي موجود آهي ته اهي تحريڪ انصاف ۾ هيون ۽ ان کان پهرين اهي پي پي ۾ ڪائونسلر به رهي چڪيون آهن ۽ انهن جو پٽ گينگ وار وارن سان گڏ ڪم ڪندو هو. پر ان معاملي جي ڪائي به تحقيقات سامهون نه آئي آهي. انهن چيو ته ان کان پوءِ رينجر ۽ پوليس لياقت آباد ۽ فيڊرل بي ايريا کان ڪيترن ئي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن تي تشدد ڪري دٻاءُ وڌو ته اهي امجد صابري جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪن. انهن چيو ته ميڊيا تي اهي خبرون به اچي چڪيون آهن ته امجد صابري جي قتل ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ملوث آهن. پر ڪجھھ قوتون هر صورت ۾ ان قتل ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي پويان آهن ۽ انهي سازش جي تحت ميڊي ۾ ڪالھھ ايم ڪيو ايم پاڪ ڪالوني يوسي 7 جي فنانس سيڪريٽري عمران صديقي جي تصوير جاري ڪئي وئي ۽ اهو چيو ويو ته امجد صابري قتل جي مرڪزي ملزم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته حقيقت اها ته عمران صديقي کي 16 جولائي تي انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ انهن جي ڪائي به خبر نه هئي. انهن جي گهر واري انهن جي هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن به دائر ڪئي هئي .انهن چيو ته اڄ ڪراچي پوليس جي سربراھ مشتاق مهر صاحب ميڊيا کي پاڻ اهو بيان ڏنو آهي ته پوليس امجد صابري جي قتل ڪيس جي حوالي سان ڪائي به تصوير جاري نه ڪئي آهي. پوليس امجد صابري جي قتل ڪيس ۾ ڪجهھ ماڻهن کي گرفتار ضرور ڪيو هو پر ثبوت نه هجڻ جي بنياد تي انهن کي آزاد ڪيو ويو آهي. مشتاق مهر صاحب اها ڳالھھ به زور ڏيئي ڪري چئي آهي ته اڃان تائين ان ڪيس ۾ ڪنهن کي به باقائده گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا تي ڪنهن جو به نالو ۽ تصوير جاري ڪرڻ ان ڪيس جي تفتيش کي خراب ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. انهن چيو ته مشتاق مهر جي بيان سان اها ڳالھھ واضع ٿي چڪي آهي ته ڪجھھ قوتون هر حال ۾ ان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن ۽ عمران صديقي کي ميڊيا تي مرڪزي ملزم جي طور تي پيش ڪرڻ جو به اهو ئي مقصد آهي. انهن چيو ته امجد صابري کي قتل ڪرايو ئي ان جي ڪري ويو آهي جو ان ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪري بدنام ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو وڃي. انهن چيو ته اهڙي طرح  ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر شڪيل اوج ۽ نعمت  رنڌاوا ايڊووڪيٽ جي قتل ڪيس ۾به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو ويو هو پر پوءِ بعد ۾ اها حقيقت کلي ڪري سامهون آئي ته انهن قتلن ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد ملوث آهن. انهن مطالبو ڪيو ته اها گندي رانڌ بند ڪئي وڃي ۽ امجد صابري جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. انهن ميڊيا کي گذارش ڪئي ته اها ذميوارانه صحافت جو مظاهرو ڪري ۽ ڪنهن به بي گناھ ماڻهو کي ان ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو حصو نه بڻجي. انهن پيمرا کان به مطالبو ڪيو ته اهو غير ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ وارن چينلن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري. 


4/18/2024 2:43:54 PM