Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

امجد صابري جي شهادت قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


امجد صابري جي شهادت قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 6/22/2016
امجد صابري جي شهادت قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 22 جون 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردي جي واقعي ۾ نالي واري قوال امجد صابري جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي قومي سانحو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري نه صرف عالمي شهرت يافته قوال هئا. بلڪه اهي ايم ڪيو ايم جي سچن ۽ مخلص همدردن ۾ به شمار ڪيا ويندا هئا ۽ ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه جدوجهد جي لاءِ هر وقت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ به تيار رهندا هئا. انهن جي شهادت ملڪ ۽ قوم جو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري جي ڏينهن ڏٺي قتل جو واقعو ڪراچي ۾ جاري آپريشن، صوبائي حڪومت، رينجر، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته امجد صابري جي شهادت سان مون کي ذاتي طور تي دلي صدمو پهتو آهي ۽ معصوم ۽ بي گناھ امجد صابري کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ جي واقعي تي منهنجو دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حق پرستانه جدوجهد جي لاءِ امجد صابري جون خدمتون ڪڏهن به فراموش نه ڪيون وينديون ۽ انهن جون يادون هڪ هڪ حق پرست ڪارڪن جي دلين ۾ هميشه زنده رهنديون. جناب الطاف حسين امجد صابري جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد جا درجا بلند فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي امجد صابري قوال جي وحشياڻي قتل جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ انهن جي قتل ۾ ملوث وحشي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.
*****

4/19/2024 7:02:31 AM