Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۽ حيدرآباد ايم نائن موٽر وي منصوبو حڪومت پنهنجن فنڊن مان بڻائي، ڪراچي سرڪلر ريلوي کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کان بلوچستان جي شهر بسما تائين 3 سو ڪلوميٽرن جو ڪوريڊور بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار


ڪراچي ۽ حيدرآباد ايم نائن موٽر وي منصوبو حڪومت پنهنجن فنڊن مان بڻائي، ڪراچي سرڪلر ريلوي کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کان بلوچستان جي شهر بسما تائين 3 سو ڪلوميٽرن جو ڪوريڊور بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 5/24/2016
ڪراچي ۽ حيدرآباد ايم نائن موٽر وي منصوبو حڪومت پنهنجن فنڊن مان بڻائي، ڪراچي سرڪلر ريلوي کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڪراچي کان بلوچستان جي شهر بسما تائين 3 سو ڪلوميٽرن جو ڪوريڊور بڻايو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجن اتحادين کي نوازڻ ۽ مخصوص شهرن ۽ علائقن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي پاليسي اپنائي رکي آهي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 24 مئي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجين اتحادي جماعتن کي نوازڻ ۽ مخصوص شهرن ۽ علائقن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي پاليسي اپنائي ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي شهرن ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نواب شاھ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطاڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل، رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين ، اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن ۽ ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر سان گڏجي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ترقياتي ۽ تعميمراتي منصوبن ۾ سنڌ جي شهري علائقن کي نظر انداز ڪرڻ هڪ وڏو قومي الميو آهي. سنڌ پاڪستان جو اهم صوبو آهي ۽ ڪراچي پاڪستان جو اهم ترين شهر آهي. پر وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي تي ڪائي به توجه نه ڏني آهي. انهن چيو ته هن سال سنڌ حڪومت اربين ۽ کربين روپيا ڪٿي خرچ ڪيا. انهن چيو ته ڪراچي ملڪ کي کربين روپيا ڏيئي ٿو پر ان شهر کي پاڻي جي لاءِ به ترسايو پيو وڃي ۽ ان شهر کي ڪربلا بڻايو ويو آهي. انهن چيو ته حڪومت ڪراچي کي نظر انداز ڪري ۽ بي حسي جو مظاهرو ڪري قومي استحڪام کي سنگين خطرن کان دوچار ڪري رهي آهي.ڪراچي کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڪري پاڪستان جي تباهي جو سامان پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪي بقا سان کيڏيو پيو وڃي. انهن 2015 ،16 جي وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ جون اخباري ڪٽنگز ڏيکاريون ۽ انهن ۾ تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبن جون تفصيل بيان ڪندي چيو ته 112 ارب روپين جا ميگا ترقياتي پروجيڪٽ بنيادي طور تي ڪٿي آهن. هري پور ۾ 10 ارب روپين جو اعلان ڪيو ويو.  آزاد جمون ڪشمير ۾ 42 ترقياتي پروجيڪٽن جو سنگ بنياد رکيو ويو. اڍائي ارب روپيا لوڌران جي لاءِ رکيا ويا. ڪوئيٽا ۾ توانائي ، گيس، روڊن ۽ انڊر پاسز جي لاءِ اربين روپين جا پروجيڪٽ آهن، اهو ظاهر ڪري ٿو ته اهي سڀ پروجيڪٽ مولانا فضل الرحمٰن سان دوستي جي قيمت آهن جيڪي قوم ادا ڪري رهي آهي. اهڙي طرح ڊيره غازي خان ۾ بروڙي روٽ ڪوئيٽا، زرغون روڊ ۽ ڪوئيٽا ۾ انڊر پاس جا منصوبا شامل آهن. انهن چيو ته چائينا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور ۾ به بلوچستان جو خيال ان جي ڪري اچي ويو آهي. جو حاصل بزنجو، محمود خان اچڪزئي ۽ فضل الرحمٰن نواز شريف سان جڙيل آهن. هاڻي پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊوز کي انهن علائقن مان ضرور گذارڻو آهي. ڇو ته اهي علائقا انهن اتحادين جا آهن. انهن چيو ته اپريل 2016 ۾ اوگرا کي بائي پاس ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته تيل جي قيمتن ۾ اضافو ايندڙ مهيني کان نه ٿيندو ۽ پر جڏهن اسان چئون ٿا ته تيل جون قيمتون گهٽ ڪيون وڃن ته چيو وڃي ٿو ته اوگرا آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي. انهن چيو ته لاهور، ملتان ۽ ڊي آئي خان ۾ چئن ڪوريڊورن جا اپريل ۽ مئي ۾ سنگ بنياد رکيا ويا آهن جڏهن ته اهي منصوبا اهي آهن جن جي لاءِ 133 ارب روپيا چائينا بينڪ پهرين ئي رکيا آهن. ڇو ته ان ۾ پنهنجن اتحادين کي فائدو پهچائڻ مقصد هو. انهن چيو ته مئي جي مهيني ۾ 55 ڪلوميٽر ڊيره اسماعيل خان کان رحماني جي علائقي تائين پاڪ چين ڪوريڊور جو منصوبو هو پر 5 ارب روپيا وڌيڪ رکي ڪري اتحادين جي علائقي ۾ اهو روڊ پهچايو ويو آهي. انهن چيو ته پهريون منصوبو ڪراچي کان حيدرآباد ايم نائن موٽر وي شروع ٿيو ته ان ۾ به ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ڇو ته ٽن سالن تائين ان کي هڪ پرائيويٽ سيڪٽر هلائيندو جيڪو پنهنجي مرضي جو ٽيڪس ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن کان وصول ڪندو. ايم نائن ڪراچي کان سپر هائي وي روڊ آهي ۽ اهو پاڪستان جو سڀني کان مصروف روڊ آهي. انهن چيو ته ميان نواز شريف ٻڌائين ته اهي پاڪستان جي صرف ڪن مخصوص علائقن جا وزير اعظم آهن ، ڇا اهي پنهنجي سياست، اختيار ۽ اقتدار پنهنجن ووٽرن کي مطمئن ڪرڻ، آئنده جي لاءِ پڪو ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ جي لاءِ اهڙي طرح ئي سياسي رشوت ڏيندا رهندا. انهن چيو ته قومي جماعتن کي سوچڻ گهرجي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاھ ۽ ميرپورخاص جي شهري علائقن جي عوام سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته اسان هڪ سال کان اهي سڀئي ڳالهيون ميان نواز شريف کي ٻڌائڻ جي لاءِ وقت گهري رهيا آهيون پر انهن وٽ انهن منصوبن تي ڳالھھ ڪرڻ جي لاءِ وقت نه آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ايم نائن جو متبادل روٽ هجڻ گهرجي، ايم نائن الڳ بڻائي ڏين ته پوءِ ڳالھھ هوندي ته سنڌ ۽ ڪراچي جي به خدمت ڪئي وئي. ٻيو مطالبو اهو آهي ته ٽول کي گهٽ رکن ۽ ڪاروباري حضرات کي تحفظ ڏين. انهن چيو ته 2016 ،15 جي بجيٽ ۾ قائم علي شاھ جي راڄ ۾ 125 ارب روپين جي جيڪي ترقياتي فنڊن جا پروجيڪٽ آهن. انهن ۾ به ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، سکر ۽ نواب شاھ جي شهرن جي لاءِ هڪ پيسو به نه رکيو ويو آهي. انهن چيو ته اسان هن مهل تائين عوام کي شهري سهولتن جي ادارن جي آفيسن تي پٿراءُ ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ هاڻي اسان هڪ وڏي تحريڪ جو آغاز ڪري رهيا آهيون ۽ اسان فيصلائتي جدوجهد ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جنهن جو مقصد مڪاني حڪومتن کي اختيار ۽ وسيلا ڏيڻ، نون صوبن جو قيام ۽ آدمشماري جو منصفانه انعقاد هوندو.  انهن چيو ته اسان ناانصافي جي خاتمي جي لاءِ پرامن احتجاج ۽ هڪ وڏو ڌرڻو به ڏينداسين. 
*****

4/19/2024 10:41:00 PM