Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چوڌري نثار قوم کي ٻڌائين ته جيل مان خالد شميم جي ويڊيو ڪيئن بڻي؟ ۽ ريڪارڊ ٿيل ويڊيو ڪيئن ۽ ڪهڙي قانون جي تحت ٻاهر آئي.ڪنور نويد جميل


چوڌري نثار قوم کي ٻڌائين ته جيل مان خالد شميم جي ويڊيو ڪيئن بڻي؟ ۽ ريڪارڊ ٿيل ويڊيو ڪيئن ۽ ڪهڙي قانون جي تحت ٻاهر آئي.ڪنور نويد جميل
 Posted on: 4/28/2016
چوڌري نثار قوم کي ٻڌائين ته جيل مان خالد شميم جي ويڊيو ڪيئن بڻي؟ ۽ ريڪارڊ ٿيل ويڊيو ڪيئن ۽ ڪهڙي قانون جي تحت ٻاهر آئي.ڪنور نويد جميل
ڪراچي: 28 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد ڪيس ۾ گرفتار ڪيل خالد شميم نالي شخص جي ويڊيو بيان جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان سوال ڪيو ته اهي قوم جي سامهون ٽي وي تي اچي ڪري ٻڌائين ته جيل کان خالد شميم جي ويڊيو ڪيئن بڻي ۽ ريڪارڊ ٿيل ويڊيو ڪهڙي قانون جي تحت ٻاهر آئي. انهن چيو ته ڪجھھ اڻ ڏٺل قوتن ملڪ جي آئين ۽ قانون جو مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سان نه صرف ملڪ بلڪه پاڻ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي به بدنامي ٿي رهي آهي. انهن چيو ته ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد کي ملوث ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ايجنسيون جنهن حد تائين ڪري چڪيون آهن ان جي مثال ملڪي تاريخ ۾ نه ٿي ملي. انهن چيو ته وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي قوم کي ٻڌائين ته قانون ٽوڙڻ وارا ڀلي ڪيترائي طاقتور ڇو نه هجن پر انهن کي سزا ڏني ويندي ته جيئن عوام جو اعتماد قانون تي بحال ٿي سگهي. 
*****

4/19/2024 10:07:15 PM