Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

آمريڪي محڪمه خارجه جي سالانه رپورٽ 2015 ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خصوصي ذڪر


آمريڪي محڪمه خارجه جي سالانه رپورٽ 2015 ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خصوصي ذڪر
 Posted on: 4/16/2016
آمريڪي محڪمه خارجه جي سالانه رپورٽ 2015 ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خصوصي ذڪر

موجوده آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي 55 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 151 ڪارڪن لاپتا به آهن. سالانه آمريڪي ڪنٽري رپورٽ
واشنگٽن: 16 اپريل 2016 
                 آمريڪي محڪمه خارجه ( اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ) انساني حقن جي باري ۾ 2015 جي پنهنجي سالانه ڪنٽري رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خصوصي ذڪر ڪيو آهي. رپورٽ ۾ سنڌ ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪنن جي ڏاڍ جي زور تي گمشدگي ۽ انساني حقن جي ٻين خلاف ورزين جي واقعن کي نمايان ڪيو ويو آهي. ان سالانه ڪنٽري رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ ميڊيا ۾ وڌندڙ سينسر شپ ۽ اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جو به خصوصي طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي. 2015 جي ان سالانه رپورٽ جي سيڪشن نمبر هڪ ۾ چيو ويو آهي  ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي جماعتون خصوصي طور تي حملن جو نشانو بڻيون آهن. ايم ڪيو ايم ، اي اين پي ، پي پي پي ۽ سرڪاري شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اٽڪ ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده ۽ 21 ٻين ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪراچي ۾ دهشت گردن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ايم 
اين اي رشيد گوڏيل تي ٿيندڙ قاتلاڻه حملي جو به خصوصي طور تي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان سالانه رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي هٿان مختلف ماڻهن جي ڏاڍ جي زور تي گمشدگي جي واقعن جو به خصوصي ذڪر ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ آپريشن جي دوران رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون، حراست ۾ تشدد ۽ قتل جا واقعا به ٿيا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موجوده آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 55 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 151 ڪارڪن لاپتا به آهن. هيومن رائيٽس  ڪميشن آف پاڪستان به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي واقعن جي تحقيقات جو مطالبو به ڪيو آهي. رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي جج  جاويد اقبال جي سربراهي ۾ قائم لاپتا ماڻهن جي واقعن جي تحقيقات ڪرڻ واري جوڊيشل ڪميشن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 211 ماڻهن جي هن مهل تائين ڪائي به خبر نه آهي. لاپتا ماڻهن جي ان ڪميشن کي 2011 کان 31 مارچ تائين 2 هزار 722 ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جون شڪايتون مليون هيون. جن مان هڪ هزار 452 ڪيسن کي نڀيريو ويو آهي. جڏهن ته هڪ هزار 233 ماڻهن جا ڪيس نڀرڻ باقي آهن. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سالانه ڪنٽري رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ ميڊيا ۾ وڌندڙ سينسر شپ ۽ اظهار رائي جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جو به خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته مئي جي مهيني ۾ پاڪستان جي ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي پيمرا ميڊيا تي عدالت، پاڪستان آرمي يا ٻين قانون نافذ ڪرڻ وارين ايجنسين جي خلاف سمورين نشريات تي پابندي عائد ڪئي آهي. پيمرا  اهي حڪمَ پهرين مئي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي هڪ تقرير جي رڌعمل ۾ جاري ڪيا هئا، جنهن ۾ فوج تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي. 
*****

4/26/2024 9:49:37 AM