Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف ، سابق وزراء اعظم راجه پرويز اشرف، شوڪت عزيز ۽ چوڌري شجاعت حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ. حمايت جي لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.


 Posted on: 6/8/2014 1

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف ، سابق وزراء اعظم راجه پرويز اشرف، شوڪت عزيز ۽ چوڌري شجاعت حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ. حمايت جي لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
لنڊن؛ 8 جون 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراھ جنرل پرويز مشرف، سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف، سابق وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ق جي سربراھ چوڌري شجاعت حسين ۽ سابق وزير اعظم شوڪت عزيز کي فون ڪري حراست جي دوران انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. تمام رهنمائن جناب الطاف حسين کي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي.جنرل پرويز مشرف جناب الطاف حسين کي رهائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن، انهن جناب الطاف حسين جي خيريت  دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار به ڪيو. سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف جناب الطاف حسين کي انهن جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته سڄو پاڪستان اوهان جي گرفتاري تي فڪر مند هو، پوري قوم هر قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري اوهان جي لاءِ دعائون گهريون. الله تعالٰي اوهان کي سرخرو ڪيو ۽ وڏي عزت عطا ڪئي.راجه پرويز اشرف جناب الطاف حسين کي چيو ته ايم ڪيو ايم ان موقعي تي حالتن کي قابو ۾ رکي ڪري مثالي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.اوهان محبت جي قابل آهيو انهي جي ڪري قوم جي هر ماڻهو اوهان جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو. انهن جناب الطاف حسين جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اوهان کي هميشه سرخرو ڪري ۽ اوهان کي عزت ملندي رهي، منهنجون دعائون هميشه اوهان سان گڏ آهن. چوڌري شجاعت حسين پنهنجي، چوڌري پرويز الٰهي ۽ مسلم ليگ ق جي تمام رهنمائن جي طرفان جناب الطاف حسين کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ماڻهن اوهان جي لاءِ وڏيون دعائون ڪيون ، الله تعالٰي اوهان تي پنهنجو فضل و ڪرم فرمايو، جناب الطاف حسين ڏکئي وقت ۾ انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي انهن تمام رهنمائن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ فرمايو ته قوم منهنجي لاءِ دعائون ڪيون ۽ الله تعالٰي پنهنجي فضل و ڪرم سان قوم جي دعائن کي قبول فرمايو، انهن فرمايو ته اسان ملڪ جي محروم عوام جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، الله تعالٰي اسان کي همت ۽ استقامت عطا فرمائي.آمين.
*****



5/2/2024 4:07:29 AM