Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 5/23/2014
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا.
ڪراچي؛23 مئي 2014
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين کي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي طرفان فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي سازش جو حصو قرار ڏنو آهي . پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھ امن دشمن قوتون امن خراب ڪرڻ جي لاءِ هڪ منصوبه بندي جي تحت لڳاتار ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي رهيون آهن ۽ معين الدين جو قتل به انهي سازش جو حصو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي معين الدين جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي معين الدين شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته معين الدين جي قتل جي واقعي جو نوٽس ورتو وڃي ۽ دهشت گردن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. ان کان علاوه واقعي جي اطلاع ملندي ئي رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق ۽ اسلم آفريدي عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا ۽ سوگوارن سان ملاقات ڪري انهن کي دلاسو ڏنو ۽ واقعي جون تفصيلات به معلوم ڪيون. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جا ذميوار به موجود هئا.
****

5/4/2024 3:09:55 AM