Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪالھھ ڳالھھ ڪرڻ جي بجاءِ سٺو آهي ته اڄ ئي ڳالھھ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪالھھ ڳالھھ ڪرڻ جي بجاءِ سٺو آهي ته اڄ ئي ڳالھھ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 4/18/2016
ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪالھھ ڳالھھ ڪرڻ جي بجاءِ سٺو آهي ته اڄ ئي ڳالھھ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته مهاجرن کي پاڪستان جو اول درجي جو شهري تسليم ڪيو وڃي
لنڊن کان ويڊيو لنڪ جي ذريعي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
لنڊن: 18 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ميڊيا تي ايم ڪيو ايم جي خلاف چارج شيٽ بڻائي ڪري پيش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي ۽ وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي، اظهار خان، محمد اشفاق ۽ ڊاڪٽر سليم دانش به موجود هئا. ان موقعي تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر َ ڪهف الورٰي ۽ ڪنور نويد جميل به موجود هئا. نديم نصرت چيو ته گذريل ڪجھھ هفتن کان ايم ڪيو ايم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، اهي ڳالهيون بنيادي طور تي پروفيگنڊو آهن ۽ اهو پروفيگنڊو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا جن مان هڪ اهو ته ايم ڪيو ايم ملڪ دشمن جماعت آهي ۽ ان جو را سان تعلق آهي. انهن چيو ته مان اڳ به گذارش ڪئي هئي ۽ هاڻي به گذارش ڪريان ٿو ته پاڪستان جن حالتن مان گذري رهيو آهي. ان جو تقاضا آهي ته ان منفي ۽ پروفيگنڊي جي سياست کي ختم ڪيو وڃي.انهن چيو ته اڄ مبصر به اهو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ آهي ۽ ان کي ختم ڪرڻ آسان نه آهي انهن چيو ته ان ڳالھھ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته عوام بار بار ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڇو ڏين ٿا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف پروفيگنڊو ڪيو ويندو هو ته ايم ڪيو ايم زوري ووٽ وجهرائي ٿي، انهن چيو ته هاڻي نئين سري کان تڪ بنديون ڪيون ويون ۽ پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر رينجر ۽ پوليس کي بيهاريو ويو. ڪيمرا لڳايا ويا. پر ايم ڪيو ايم انهن سڀني ڳالهين جي باوجود وري به ڪامياب ٿي وئي. انهن چيو ته اهو به چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ سنڌ جي حالتن جي ذميوار آهي. انهن چيو ته اها حقيقتن کي ميٽڻ جي وڏي گندي ڪوشش آهي. ڇو ته جڏهن ايم ڪيو ايم نه بڻي هئي ته ان وقت به مهاجرن کي اهو اهساس هو ته انهن جي وجود کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. انهن چيو ته هڪ ڪتاب آهي جنهن ۾ سمورين حقيقتن کي 1947 کان وٺي ڪري بيان ڪيو ويو آهي. ان ۾ لکيو ويو آهي ته ڪهڙي طرح مهاجرن جي زمينن جا ڪليم ميٽايا ويا . لياقت علي خان جي شهادت ڪيئن ٿي. انهن چيو ته مهاجرن پاڪستان ۾ تعليمي ادارا، بينڪون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون قائم ڪيون. پاڪستان ۾ واپار ۽ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏنو. انهن چيو ته ان جي باوجود مهاجرن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. گاڌي جي هنڌ ڪراچي کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. جنرل ايوب جي دور ۾ لساني فساد ڪرايا ويا. ان وقت ته ايم ڪيو ايم نه هئي. انهن چيو ته 1965 کان پوءِ جهڙي طرح سان ناانصافيون ڪيون ويون. اندرون سنڌ کان مهاجرن کي ملڪيتن تي قبضا ڪري ڪڍيو ويو. انهن چيو ته اهي حقيقتون آهن جيڪي اسان جي ذهنن تي نقش آهن. خدا جي واسطي پاڪستاني ڀائرو انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ته تاريخ کي ميٽي ڪري سمورين خرابين جو الزام جناب الطاف حسين تي هنيو پيو وڃي ۽ اهو پاڪستان جي نئين نسل کي گمراھ ڪرڻ جي برابر آهي. انهن چيو ته 13 آگسٽ 1986 تي قصبه علي ڳڙھ ۾ سوين مهاجرن کي قتل ڪيو ويو. گهرن کي باھ ڏني وئي. عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي. 30 سيپٽمبر 1988 تي  سانحه حيدرآباد ۾ صرف ڪجھھ ڪلاڪن جي اندر هزارين ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. سوين مهاجرن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو. پوءِ 1990 ۾ سانحه پڪا قلعه ٿيو. ايم ڪيو ايم انهن سمورن ظلمن جي رڌ عمل جي طور تي ٺهي آهي.انهن چيو ته مهاجرن کي مڪڙ، تلير ۽ مٽروا چيو پيو وڃي. انهن کي پناھ گير چيو پيو وڃي. ان ئي رڌ عمل ۾ ايم ڪيو ايم ٺهي آهي ۽ انهن ظلمن ۽ ناانصافين جي ڪري ئي ماڻهن جناب الطاف حسين کي چاهيو ۽ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏنا. انهن چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم کي پروفيگنڊي جي ذريعي ختم نه ڪري سگهيو ويو ته پوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪرمنلائزيشن شروع ڪئي وئي. يعني ايم ڪيو ايم ۾ جيڪو اچي ان کي ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته 1992 ۾ به حقيقي بڻائي وئي هئي ۽ اڄ جيڪي ماڻهو آندا ويا آهن اهي به اهو تسليم ڪري رهيا آهن ته 1990 جي آپريشن ۾ حقيقي وارن کي فوجي ٽرڪن ۾ ويهاري ڪري آندو ويو هو. ان وقت هزارين ڪارڪنن کي زير زمين وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم تي جناح پور جو الزام لڳائي ڪري سڀني مهاجرن کي غدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر پوءِ الزام هڻڻ وارن ٽي  وين تي اچي ڪري معافي به گهري ته اهو الزام ڪوڙو هو.انهن سوال ڪيو ته جن ايم ڪيو ايم تي جناح پور جو الزام هنيو انهن جو ٽرائل ڇو نه ٿيو. انهن چيو ته 1992 جي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون وفاداريون تبديل ڪرايون ويون. هزارين ساٿين کي شهيد ڪيو ويو. ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. بلڪه صدر پاڪستان غلام اسحاق خان جن الزامن ۾ حڪومت کي  ختم ڪيو، انهن الزامن ۾ ايم ڪيو ايم تي ظلمن جو ذڪر به هو. انهن چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ڪراچي جي پوليس ۾ ڪراچي وارن کي نه کنيو وڃي. فوج ۾ نه کنيو وڃي. سرڪاري ادارن ۾ نه کنيو وڃي جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهيان ته پاڪستان جا محب وطن عوام ۽ صحافي سنڌ سيڪريٽريٽ وڃن ڏسن ته اتي ڪيترا اردو ڳالهائڻ وارا آفسير يا هيٺان ملازم آهن. انهن چيو ته اهي ئي ناانصافيون ۽ محروميون آهن جن جي ڪري ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي. انهن چيو ته جنهن شخص کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪراچي جو ناظم بڻايو. اڄ اهي چئي رهيا آهن ته الطاف حسين ڇا ڏنو. انهن چيو ته الطاف حسين پاڪستان جي اها خدمت ڪئي آهي ۽ انقلاب برپا ڪيو آهي جيڪو غريب تصور به نه پيو ڪري سگهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي اسيمبلين ۾ پهچايو. اهو ئي انقلاب آهي. انهن چيو ته اڄ جنهن ميمبر سنڌ اسيمبلي کان پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي آهي اهي اهي ئي آهن جيڪي ايم ڪيو ايم ۾ هئا ته لڪندا پيا وتن ، انهن جو جي آئي ٽي ۾ نالو هو.  پر هاڻي انهن کي هيرو بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته اهو ڪهڙو مزاق آهي جو اوهان ايم ڪيو ايم ۾ آهيو ته ڏوهاري ۽ دهشت گرد ۽ ايم ڪيو ايم ۾ نه آهيو ته هيرو ۽ بلڪل ڪلين. انهن چيو ته انهن ماڻهن وٽ ايم ڪيو ايم ۾ اچڻ کان اڳ ڪجھھ به نه هو، پر ايم ڪيو ايم ۾ اچڻ کان پوءِ اهي ارب پتي بڻجي ويا . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن جماعت آهي. سازشن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪيو پيو وڃي.انهن پاڪستان جي محب وطن عوام ، جنرلن ۽ جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي ان معاملي ۾ دخل ڏين ۽ مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان رانڌ کي بند ڪرائين، اهو ملڪ جي لاءِ سٺو نه ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪروڙين ماڻهن جي جماعت آهي ۽ ان جي مينڊيٽ کي دنيا بار بار ڏسي چڪي آهي. انهن چيو ته رياست جا ڪجھھ ماڻهو پنهنجي طاقت جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن ته ان جو نقصان ملڪ ۽ قوم کي ٿيندو.انهن چيو ته عوام جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد مڃن ٿا ته ان ۾ خرابي ڪهڙي آهي جو انهن سان ڳالھھ ڪئي وڃي. انهن چيو ته ملير جو ٽائون انچارج نير رضا پڙهيل لکيل ماڻهو آهي ۽ چيئرمين به چونڊيا ويا هئا. انهن کي گهر کان گرفتار ڪري 90 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو آهي. فيڊرل بي ايريا مان فرحان کي گرفتار ڪري ريمانڊ ورتو ويو . اسان سيڪٽر انچارج ۽ يونٽ انچارجن جا نالا تبديل ڪري ٽائون انچارجز ۽ يوسي انچارجز رکي ڇڏيا. انهن چيو ته هن آپريشن ۾ جيڪو 2013 کان هلي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي 6 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هزارين ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا پيا. ڇا ڪنهن هڪ به ڇاپي ۾ ڪارڪن جي طرفان ڪا هڪ به گولي هلي. ڇا ڪوئي به مقابلو ٿيو. اهي ڪهڙا را جا اينجٽ آهن ۽ تربيت يافته ماڻهو آهن. جيڪي خاموشي سان پڪڙيا وڃن ٿا ۽ مقابلو به نه ٿا ڪن. پاڪستان جي اهم ادارن تي حملو به نه ٿا ڪن. پر ميڊيا تي انهن کي را جو اينجٽ بڻايو وڃي ٿو ۽ اهي فوج  جي حق ۾ ريلي به ڪڍن ٿا. پر اهي ماڻهو جيڪي پاڪستان جي آئين کي به تسليم نه ٿا ڪن ۽ پاڪ فوج جي جوانن کي شهيد مڃڻ جي لاءِ به تيار نه آهن بلڪه اهي طالبان کي شهيد چون ٿا. پر انهن جي خلاف ته ڪوئي به ايڪشن نه ٿو ورتو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين بيهي ڪري فوج کي سلوٽ پيش ڪن ته چيو وڃي ٿو ته اهي را جا ايجنٽ آهن. انهن چيو ته 1971 ۾ به مهاجرن پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو اهي چاهين ها ته بنگالين سان گڏجي ڪري پاڪستان جي خلاف بغاوت ڪن ها. پر انهن ائين نه ڪيو. انهن چيو ته اهو  شهر جيڪو سڄي پاڪستان کي پالي رهيو آهي ان کي حق ڏيڻ جي بجاءِ ميڊيا تي دهشت گرد بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته تمام تر دٻاءُ جي باوجود اڄ به 9، 99 سيڪڙو ماڻهو خيابان سحر ۾ ڊرائي ڪلنگ فيڪٽري ۾ نه وڃي رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن، يوسي چيئرمينن ۽ سينٽرن کي ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل نمبرن کان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته اوهان جون فائيلون ريڊي آهن. اوهان پاڻ شامل نه ٿيندو ته اوهان کي گرفتار ڪري شامل ڪيو ويندو.انهن چيو ته رياستي ادارن کي ڪنهن اهو اختيار ڏنو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي لاءِ استعمال ڪن. انهن چيو ته جنرل راحيل شريف اسان کي ملاقات جي لاءِ وقت ڏين ته اسان اهي سڀئي ثبوت ڏيون. انهن چيو  ته اسان تمام تر ظلمن، اشتعال انگيزي  ۽ زيادتي جي باوجود صبر جو دامن هٿن مان نه ٿا ڇڏيون. انهن چيو ته ان کان وڏي ناانصافي ٻئي ڪهڙي ٿيندي جو اڄ تائين ميئر ۽ چيئرمينن جي چونڊ نه ڪرائي وئي آهي حالانه چونڊ ٿئي 5 مهينا ٿي چڪا آهن. انهن چيو ته سياست ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پي پي ، جماعت اسلامي ۽ ٻيون جماعتون به هتي سياست ڪري رهيون آهن. پر اهو ڪنهن کي به حق نه آهي ته ڪنهن جي گريبان کان پڪڙي چيو وڃي ته فلاڻي جي لاءِ ڪم ڪريو. اها بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي به آهي. ان کي بند ٿيڻ گهرجي. انهن چيو ته اهو جيڪو ڪجھھ ٿي رهيو آهي ته ان جا نتيجا ملڪ جي لاءِ سٺا نه نڪرندا. انهن چيو ته اسان جي ڪوشش ۽ خواهش اها آهي ته گند نه اڇلايو وڃي ۽ صاف ۽ سٿري سياست ڪئي وڃي. انهن چيو ته مان اهو به مطالبو ڪريان ٿو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن تان پابندي فوري طور تي ختم ڪئي وڃي. انهن چيو ته جتي ٻين ساٿين قربانيون ڏنيون آهن ته اتي جناب الطاف حسين جي خاندان به قربانيون ڏنيون آهن. انهن جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي شهيد ڪيو ويو. اڻهن جي ڀاءُ ۽ ڀيڻويي جي ڪينيڊا ۾ نادرا جي اداري ۾ نوڪري ملي هئي.جيڪا موجوده حڪومت انهن کان ڇني ورتي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي ڀاءُ يا ٻئي ڪنهن مائٽ کي گورنر، ايم اين اي ، ايم پي اي، ناظم يا ميئر بڻائي سگهن ٿا پر انهن هميشه پنهنجن ڪارڪنن کي ئي انهن تي عهدن تي رکيو. پر اهي ئي احسان فراموش جناب الطاف حسين تي پنهنجن کي نوازڻ جا الزام لڳائي رهيا آهن. انهن چيو ته پاڪستان جو ڪهڙو اهڙو ليڊر آهي جنهن پنهنجي خاندان جي مفاد جي لاءِ ڪم نه ڪيو هجي. وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ زرداري جي مثال سڀني جي سامهون آهي. انهن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته شهيدن سان قبرستان ڀرجي ويا، انهن چيو ته جيڪڏهن شهيد قرباني نه ڏين ها ته مصطفٰي ڪمال ناظم ڪيئن بڻجي ها. انهن چيو ته 1992 جي آپريشن ۾ مان ۽ مون جهڙا هزارين ڪارڪن جيڪڏهن پنهنجو سڀ ڪجھھ داءُ تي لڳائي ڪري اسٽيبلشمينٽ جي سامهون نه بيهن ها ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وڃي ها. اهي الطاف حسين جا ڪارڪن ئي هئا جن تحريڪ کي زنده رکيو. انهن چيو ته انهن ضمير فروشن کي شرم اچڻ گهرجي جو اهي ايم ڪيو ايم تي پابندي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جنهن ايم ڪيو ايم انهن کي زمين تان کڻي ڪري آسمان تي پهچايو اڄ ان تي اهي پابندي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.انهن کي شرم اچڻ گهرجي. انهن چيو ته ڪراچي جي زمينن کي ڀڳڙن مٽ وڪيو پيو وڃي ، ڪراچي جو پاڻي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي. اها ناانصافي هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.انهن چيو ته مان پاڪستان جي عوام کان مطالبو ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي انصاف ڪريو، مهاجرن کي سيني سان لڳايو، ظلم بند ڪرايو، الطاف حسين ملڪ جو دشمن نه آهي بلڪه ملڪ جو سچو همدرد آهي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان کي اهو ڪجھھ ڏنو جيڪو ڪنهن به نه ڏنو آهي. انهن هڪ عام ماڻهو کي اسيمبلي جو  ميمبر بڻايو ۽ اهو ئي حقيقت ۾ انقلاب آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين اشفاق منگي کي نه صرف قبول ڪيو بلڪه انهن کي مهاجر علائقي مان کٽرايو ، جناب الطاف حسين عزيز آباد مان سنڌين ۽ بلوچن کي کٽرايو. انهن چيو ته پاڪستان هن وقت تمام گهڻين مشڪلاتن ۾ وڪوڙيل آهي. پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارا ڊاڪٽر عبدالقدير خان به مهاجر آهن ، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان دشمني آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير جو  انٽرويو موجود آهي. جنهن ۾ انهن چيو هو ته مون سان جيڪو ڪجھھ ٿي رهيو آهي اهو ان جي ڪري جو مان مهاجر آهيان. ان جو الزام به ڇا جناب الطاف حسين تي لڳائيندو. انهن چيو ته اهي ضمير فروش ڪالھھ لياري ويا انهن کي جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انهن چيو ته لياري جي گينگ وار وارن مهاجرن کي شهيد ڪيو. انهن کي اغوا ڪري انهن سان زنائون ڪيون ۽ انهن جون ويڊيو بڻائي ڪري سوشل ميڊيا تي وڌيون. انهن چيو ته جن مهاجرن کي قتل ڪيو اوهان انهن سان دوستي ڪري رهيا آهيو. اها مڪروھ سازش بند ڪريو انهي ۾ ملڪ جي ۽ اسان سڀني جي ڀلائي آهي.انهن چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم صفائي مهم شروع ڪئي ته ان مان ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي پڪڙڻ شروع ڪيو ويو ۽ اسان آخر صفائي مهم ئي بند ڪئي. انهن چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪيئن ڪريون اسان کي عوام جي خدمت جو موقعو ڏنو وڃي ۽ اهي ڇاپا ۽ گرفتاريون بند ڪيون وڃن. انهن چيو ته پاڪستان ئي نه بلڪه اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ، يو اين اي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ به ڏسي وٺو سڀ ناانصافي جي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. انهن چيو ته ضرب عضب ۽ نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد اهو هو ته اهو آپريشن بليڪ جيٽ دهشت گردن جي خلاف ٿيندو. نير رضا، قمر منصور، شاهد پاشا ڪٿان جيٽ بليڪ دهشت گرد ٿي ويا. اهڙي طرح اسان جا هزارين ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن جن ۾ عظيم ڀائي به شامل آهي اهي ڪٿان بليڪ جيٽ دهشت گرد ٿي ويا. ها پر جيڪڏهن اهي سڀ خيابان سحر وڃن ته انهن سڀني جا گناھ معاف ڪيا ويندا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪالھھ ڳالھھ ڪرڻ جي بجاءِ بهتر آهي ته اڄ ئي ڳالھھ ڪئي وڃي. بلوچن کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪريو اها هڪ سٺي ڳالھھ آهي. پر مهاجر ۽ الطاف حسين به پاڪستاني آهن. انهن کي به قومي ڌاري ۾ آڻيو. انهن چيو  ته مان آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي ايم ڪيو ايم جا جيڪي چونڊيل نمائندا آهن. ۽ ڪارڪن آهن. ڪجھھ آئي ايس آئي جا اعلٰي آفيسر انهن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن انهن ڌمڪين جو  اهي نوٽس وٺن ۽ اسان جي ڪارڪنن جون گرفتاريون بند ڪرايون وڃن، اسان جو ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي ۽ اسان جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته 1992 وانگر گن پوائنٽ تي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جو سلسلو به فوري طور تي بند ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ٽڪيٽ مشوري سان ڏنا وڃن ٿا. ان ۾ رابطا ڪميٽي، يونٽن ۽ ٽائونن ۾ به مشورو ڪيو وڃي ٿو. انهن چيو ته عمران خان اسان تي زهرا شاهد جي قتل جو الزام لڳايو، جماعت اسلامي جي همدرد اخبارن ۾ روزانو  ايم ڪيو ايم جي خلاف زهر اڳريو پيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته جناب الطاف حسين پنهنجي مٿان لڳل الزامن کي بار بار رڌ ڪري چڪا آهن اڄ مان به رڌ ڪريان ٿو. انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم صوبي جي ڳالھھ ڪري ته ان کي لسانيت جو رنگ ڏنو وڃي ٿو. اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو مهاجر صوبو بڻايو وڃي پر اسان چئون ٿا ملڪ ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن. انهن چيو ته ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته ڪراچي کي اختيار به ڏنو وڃي.
*****


4/18/2024 9:30:58 PM