Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي چيپٽر ونڊسر جي طرفان ڪينيڊا ۾ پروقار تقريب جو اهتمام


ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي چيپٽر ونڊسر جي طرفان ڪينيڊا ۾ پروقار تقريب جو اهتمام
 Posted on: 4/18/2016
ايم ڪيو ايم جي 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي چيپٽر ونڊسر جي طرفان ڪينيڊا ۾ پروقار تقريب جو اهتمام
دنيا جي تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت ڪرڻ وارن ۽ 25 لک جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن پاڪستان بڻايو هو.حيدرعباس رضوي
ٽورنٽو: 18 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا چيپٽر ونڊسر جي طرفان 32 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڪينيڊا ۾ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. جنهن کي رابطا ڪميٽي ميمبر حيدرعباس رضوي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي هجرت ڪرڻ وارن ۽ 25 لک جانين جو نذراڻو پيش ڪرڻ وارن پاڪستان بڻايو هو ۽ اسان پنهنجي حصي جي زمين به پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئاسين. پر اسان کي اسان جو حصو نه ڏنو ويو. جيڪو اسان جو حصو اقوام متحده جي چارٽر جي مطابق به طئي ٿيل هو. جنهن جا دنيا جا ست ملڪ گواھ به آهن. پاڪستاني مهاجر اڄ تائين پنهنجن حقن جي لاءِ جنگ وڙهي رهيا آهن. جڏهن ته هندستان ڏانهن هجرت ڪندڙن کي انهن جو فوري طور تي حصو ڏنو ويو هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي نگران ڊاڪٽر نديم احسان چيو ته ايم ڪيو ايم جي 32 ساله جدوجهد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قربانين ۽ تربيت جو مظهر آهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي به خطاب ڪيو. آخر ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون.
*****

4/26/2024 3:18:27 AM