Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ شرپسند ٽولو گذريل هڪ مهيني کان ڪردار ڪشي، بدتهذيبي ۽ ڪريل حرڪتنتي لهي آيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس


اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ شرپسند ٽولو گذريل هڪ مهيني کان ڪردار ڪشي، بدتهذيبي ۽ ڪريل حرڪتنتي لهي آيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
 Posted on: 4/1/2016 1
اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ شرپسند ٽولو گذريل هڪ مهيني کان ڪردار ڪشي، بدتهذيبي ۽ ڪريل حرڪتنتي لهي آيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي:پهرين اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ عناصر جي مڪمل سرپرستي ۾ هڪ ٽولو گذريل هڪ مهيني کان بدتهذيبي، غير اخلاقي ۽ غير شائستگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ان ٽولي جو مقصد صرف ۽ صرف ڪروڙين ماڻهن جي قائد جناب الطاف حسين جي ذات کي نشانو بڻائڻ آهي. انهن ان شرپسند ٽولي کي خبردار ڪيو ته اهو ڪردار ڪشي ۽ الزام تراشي جي سياست بند ڪري،انهن چيو ته اسان کي ڊپ آهي ته  جيڪڏهن شرپسند ٽولي جي شرپسندين جي ڪري عوام تاءُ ۾ آيا ته پوءِ ان جو الزام ايم ڪيو ايم کي نه ڏنو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو. ان موقعي تي شبير احمد قائم خاني، عبدالقادر خانزاده، محترمه ريحانه نسرين ۽ اسماعيل قريشي به موجود هئا.  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اظهار رائي جي آزادي جو مطلب اهو هوندو آهي ته اوهان تهذيب جي دائري ۾ رهندي پنهنجي ڳالھھ کي اڳتي وڌايو ۽ عوام جي خدمت ڪريو. پر گذريل هڪ مهيني کان ميڊيا جو ناجائز فائدو کنيو پيو وڃي. انهن چيو ته جڏهن ان شرپسند ٽولي کي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ناڪامي کان پوءِ هاڻي ميرپورخاص ۾ به ناڪامي جو سامنو ڪرڻو پيو  ته ان ٽولي پنهنجين شرارتن ۾ تيزي آڻي ڇڏي. اشتعال انگيزي، بيهودگي ۽ غلط بياني جو استعمال هر پريس ڪانفرنس ۽ ٽاڪ شوز ۾ ٿيڻ لڳو .انهن چيو ته اسان جي جيڪا سڃاڻپ آهي ته اها اها آهي ته اسان هڪ تهذيب جا علمبردار آهيون، تهذيب يافته هجڻ اسان جي سڃاڻپ آهي. اسان جي وڏن به اسان کي سٺي اخلاق ۽ تهذيب جي تربيت ڏني آهي ۽ اسان جي قائد جناب الطاف حسين به اسان کي اها ئي تعليم ڏني آهي. انهي جي ڪري اسان هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان تحريڪ جو پيغام ڦيلايو. پر پنهنجين تقريرن ۽ ڳالھھ ٻولھھ ۾ مخالفن جي لاءِ گارگند جو ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. انهن چيو ته جيڪڏهن اوهان غيرجانبدار ٿي ڪري انهن جي تجزين جو خلاصو ڪڍو ته اوهان کي خبر پوندي ته ان ٽولي کي ڪيئن ڊفائن ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اها ڳالھھ ڪنهن کان به لڪيل نه آهي ته بدعنواني ۽ لٽ مار جو هڪ بيج انهن کي لڳل آهي. چائينا ڪٽنگ ۽ ٻين ڏوهن جو بيج به انهن کي لڳل آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کان نڪرندي وقت اهي ان بيج کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. اسان نه ٿا چاهيون ته اسان جي زبان ان کان اڳتي کولرائي وڃي. انهن چيو ته جڏهن وڪيٽون ڪيرائڻ جا دعوٰي اڌورا رهجي ويا ته هاڻي ان ٽولي اشتعال انگيزي جي پاليسي اپنائي ورتي آهي ته جيئن ماڻهن جي جذبن کي ڀڙڪائي ڪري اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وڃي جو جيئن فساد ٿئي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 18 مارچ تي يوم تاسيس جي موقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لکين ماڻهن جي سوالن جو جواب ڏيئي ڇڏيو هو ۽ ان ٽولي جي لاءِ دعا به ڪئي هئي، پر ان جي ابتڙ اڄ اسان اهو سمجهون ٿا ته پيمرا جيڪو ايم ڪيو ايم جي خلاف ته لڳاتار ايڊوائس جاري ڪري ٿو پر اهو ان اشتعال انگيزي تي خاموش ڇو آهي. ڪورٽ ان اشتعال انگيزي تي سوموٽو ايڪشن ڇو نه ٿي وٺي. وزير اعظم ميان نواز شريف تي ڪهڙو دٻاءُ آهي جو انهن ان جو نوٽس نه ورتو آهي. انهن چيو ته ميان نواز شريف گهٽ ۾ گهٽ پيمرا کي چون ته اها ان اشتعال انگيزي جو نوٽس وٺي. انهن چيو ته ميرپورخاص ۾ اسان جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي  جو ڪارڪن ڊپ وچان لڪندا وتن. هڪ سوال جي جواب ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مان پنهنجي 30 سالن جي محنت، محبت ۽ خاندان کي ڇڏي ڏيان اهو ڪڏهن به ممڪن نه آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان جا نظرياتي پيءُ ۽ قائد آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن ان شرپسند ٽولي مون کي ان قابل سمجهيو آهي ته منهنجي انهن کي اها ئي نصيحت ۽ مشورو آهي ته اهو جيڪو ڪجھھ ڪري رهيو آهي ان مان ڪنهن کي به ڪجھھ به حاصل نه ٿيندو. ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ اهڙي طرح ئي قائم و دائم رهندو. 
*****

5/4/2024 1:43:56 PM