Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ترجمان


ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ترجمان
 Posted on: 3/7/2016 1
ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ترجمان
ڪراچي: 7 مارچ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ، ان کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ ۽ مهاجرن سميت مظلوم عوام جو اتحاد ٽوڙڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. پر انشاء الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به اهي سازشون ناڪام ٿينديون. ترجمان چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جڏهن کان مهاجرن جي حقن جي لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي طرفان مهاجرن جي ان واحد نمائنده جماعت کي ختم ڪرڻ ۽ قائد تحريڪ  جناب الطاف حسين کي رستي تان هٽائڻ جون سازشون ڪيون وينديون رهيون آهن. ايم ڪيو ايم ۾ ڪيترائي ڀيرا گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف بدترين رياستي آپريشن به ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم کي پوري ملڪ ۾ ڦيلجڻ کان روڪڻ ۽ سڄي ملڪ جي محروم ۽ مظلوم عوام کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ طرح طرح جا منفي، بي بنياد ۽ زهريلا پروفيگنڊا ڪيا ويا ۽ انهن  کي ملڪ دشمن ثابت ڪرڻ جي لاءِ جناح پور جهڙا بي بنياد ۽ سنگين الزام به لڳايا ويا ۽ جناح پور جا جعلي ۽ هٿ ٺوڪيل نقشا به بڻائي ڪري قوم جي سامهون پيش ڪيا ويا. پر الله تعالٰي جي فضل و ڪرم، تحريڪ جي وفادار ساٿين ، عوام جي ثابت قدمي ۽ اتحاد جي بدولت اهي سازشون ناڪام ٿي ويون. مهاجرن سميت سمورين قومن سان تعلق رکندڙ حق پرست عوام بار بار انهن الزامن کي رڌ ڪري ڇڏيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي آواز تي لبيڪ چوندي ايم ڪيو ايم جي حق ۾ پنهنجو مينڊيٽ ڏنو ۽ هن مڪاني اليڪشن جا نتيجا ان ڳالھھ جو ثبوت آهن. ترجمان چيو ته تمام تر سازشن ۾ بدترين ناڪامي کان پوءِ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجرن سميت تمام تر محرومن جي واحد جماعت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 1992 وارو ڊرامو ورجايو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جيڪي مهاجرن سميت سمورين قومن جي غريب ۽ وچولي طبقي جي اتحاد جي علامت ۽ حقن جا ترجمان آهن. انهن کي رستي تان هٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن جي ذات تي حملا ڪيا پيا وڃن ۽ انهن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ته جيئن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي هٽائي ڪري ان تحريڪ کي هميشه هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي. مهاجر سڃاڻپ ميٽائي وڃي ۽ مهاجرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلامي ۽ گمنامي جي اونڌھ ۾ ڌڪيو وڃي، جتي ڪوئي به  انهن جي حقن جي لاءِ ڳالهائڻ وارو نه هجي. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم جا وفادار ۽ باضمير ڪارڪن ۽ عوام ئي نه بلڪه سمورا باضمير صحافي، اينڪر پرسن، تجزيي نگار، سياسي اڳواڻ ۽ عوام به چڱي نموني سمجهي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي خلاف کيڏيو ويندڙ ڊرامو ڪير کيڏي رهيو آهي. ان ڊرامي ۽ ان جي ڪردارن جي پويان ڪير آهي ۽ ان ڊرامي جو مقصد ڇا آهي. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم را سان تعلق جي بيهوده الزامن کي ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏيئي ٿي ۽ انهن کي هڪ ڀيرو وري رڌ ڪري ٿي. اهي الزام لڳائڻ وارن وٽ جيڪڏهن ثبوت آهن ته اهي انهن الزامن کي عدالتن ۾ ثابت ڪن. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم جا سمورا وفادار ۽ باضمير ڪارڪن ۽ عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي پرعزم قيادت ۾ هڪ شيهي رسيل ڀت وانگر  متحد آهن ۽ اهي تحريڪ جي خلاف ڪئي ويندڙ ان نئين سازش کي به ماضي وانگر پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا. ترجمان چيو ته اسان کي ڪالھھ به الله تعالٰي جو سهاور هو ۽ اڄ به الله تعالٰي جو ئي سهاور آهي ۽ الله تعالٰي ئي بهتر انصاف ڪرڻ وارو آهي. اسان کي يقين آهي ته الله تعالٰي ماضي وانگر هن ڀيري به مظلومن جي ان تحريڪ جي خلاف دشمنن جي طرفان ڪئي ويندڙ سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو ۽ ان تحريڪ ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي هميشه وانگر  هن ڀيري به سوڀارو ڪندو.

4/27/2024 4:10:10 AM