Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مهاجرن ۽ فوج جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو رشتو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪري قائم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


مهاجرن ۽ فوج جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو رشتو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪري قائم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 2/28/2016
مهاجرن ۽ فوج جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو رشتو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪري قائم آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
گذريل ڪجھھ سالن کان ان رشتي ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون يا ڪيون ويون.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي کي اهو حڪم ڪيو آهي ته اسان کي پاڪ فوج ۽ مهاجرن جي وچ ۾ غلط فهمين کي دور ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر فاروق ستار
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 28 فيبروري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ملڪي ۽ عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان کان پوءِ ايندڙ تبديلن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ مضبوطي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي پاليسي کي واضع ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ هندستان کان هجرت ڪري ايندڙ مهاجرن ۽ فوج جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو هڪ رشتو قائم آهي. پر گذريل ڪجھھ سالن کان ان رشتي ۾ ڪجھھ غلط فهميون پيدا ٿيون يا ڪيون ويون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي کي حڪم ڪيو آهي ته اسان کي فوري طور تي انهن غلط فهمين کي دور ڪرڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم سپريم ڪائونسل جي ميمبرن محترمه نسرين جليل، رئوف صديقي، ڪشور زهرٰي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محترمه زرين مجيد، عبدالقادر خانزاده، عارف خان، محمد حسين، زاهد منصوري، محترمه ريحانه نسرين ۽ نامزد ميئر وسيم اختر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته  ايم ڪيو ايم تيزي سان تبديل ٿيندڙ منظر نامي ۾ پنهنجي پاليسي کي واضع ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي. اڄ پاڪستان جي سڀني کان وڏي ضرورت هڪ قومي ايجندي جي جوڙجڪ آهي ۽ پاڪستان جي سمورين سياسي جماعتن، فوجي قيادت ۽ هر خاص و عام کي ان قومي ايجنڊي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن قومي ڀائيچارو قائم ٿي سگهي ۽ پاڪستان مضبوط ٿي سگهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم  اهو فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي مضبوطي ۽ بقا و سلامتي جي لاءِ ايم ڪيو ايم هڪ اهم ڪردار ادا ڪري. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾  اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي مضبوطي ۽ قومي ڀائيچاري جي لاءِ ڪم ڪريون. ان جي ڪري اڄ ان پريس ڪانفرنس جو مقصد به اهو ئي آهي ته اسان ماضي کي هڪ طرف رکي ڪري ۽ هڪ نئين جذبي سان سرشار ٿي ڪري پاڪستان جي تعمير ڪريون ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃون. انهي جي ڪري جناب الطاف حسين اهو محسوس ڪيو ته اسان  ڪجھھ ڳالهين جي وضاحت هميشه جي لاءِ ڪري ڇڏيون ته جيئن ان تي اجايو بحث نه ٿئي. انهن چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين مهاجرن ۽ فوج جي وچ ۾ محبت ۽ تعاون جو هڪ رشتو قائم آهي ۽ جيڪڏهن ان رشتي ۾ ڪنفيوزن آهي ته اسان ملڪ جي مضبوطي ۽ ڀائيچاري جي لاءِ ان ڳالھھ کي ورجايون ٿا ته  اهو رشتو قائم هو ۽ هميشه قائم رهندو . انهن چيو ته گذريل ڪجھھ سالن کان ان رشتي ۾ ڪجھھ غلط فهميون پيدا ڪيون ويون . قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي کي اهو حڪم ڪيو ته انهن غلط فهمين کي فوري طور تي دور ڪيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اجلاس ۾ ضرب عضب ۽ فوج جي ڪردار جو به جائزو ورتو ويو. انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪ فوج جو جيڪو ڪردار آهي ۽ هزارين فوجي جوانن ان ۾ شهادت جو درجو حاصل ڪيو آهي. اسان ان تي پاڪ فوج جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. انهن چيو ته فوجي قيادت ضرب عضب ۾ فيصلائتي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان پهرين هميشه اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ۾ سستي کان ڪم ورتو ويندو هو پر ضرب عضب پاڪستان کي مضبوط ڪيو آهي. انهن چيو  ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه فوجي قيادت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان کي عزت جي نظر سان ڏٺو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪالھوڪي اجلاس ۾ جيڪا ڳالھھ زور ڏيئي ڪري چئي آهي، اها هي آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن تقرير سان فوجي اداري ، ان جي سربراھ يا ڪنهن فوجي آفيسر کي ڏک پهتو آهي ته مان ان تي معذرت ڪريان ٿو. اهي قائد تحريڪ جا لفظ انتهائي اهميت وارا آهن ۽ انهن لفظن کي ميڊيا تي ضرور وڃڻ گهرجي ڇو ته جناب الطاف حسين جي ان موقف کي واضع ٿيڻ  ضروري آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ان ڳالھھ کي به ورجايو ته ايم ڪيو ايم عدالتن ۽ جج صاحبان جي به عزت ڪري ٿي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين جي انهن پاليسي وارن بيانن جي وڏي اهميت آهي ۽ مون کي اميد آهي ته جناب الطاف حسين جا اهي پاليسي وارا بيان هر هڪ تائين پهچندا.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جون هدايتون ۽ ڪالهوڪي اجلاس جو هي خلاصو آهي ته ايم  ڪيو ايم پاڪستان خصوصن ڪراچي جي امن، انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۽ قومي مفاد جي لاءِ فوج سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن اڄ شوال ۾ دهشت گردن جي خلاف آپريشن جي دوران فوجي آفيسر ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار به ڪيو ۽ انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جون لازوال قربانيون يقينن پاڪستان جي روشن مستبقل ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪنديون. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن جي اخيتارن کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن ۾ لڳاتار دير ڪري رهي آهي. جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. انهن چيو ته ڪالهوڪي اجلاس ۾ جناب الطاف حسين اهو به فرمايو آهي ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جا اليڪشن جڏهن به ٿين ۽ جيتري قدر به اسان کي اختيار ملن ، پر هاڻي اسان وڌيڪ اختيارن جي جدوجهد ته پنهنجي جڳھھ تي پر اسان فوري طور تي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاھ ۽ سکر ۾ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت صفائي مهم جي آغاز ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا ۽ ستن اٺن سالن جو گند صاف ڪرڻ جو آغاز ڪريون ٿا.انهن وڌيڪ چيو ته اسان کي ميئر جي اختيارن جي لاءِ پرامن مظاهرا ۽ ڌرڻا به ڏيڻا پيا ته اسان اهي به ڏينداسين. انهن چيو ته ستن اٺن سالن جو گند کڻڻ جي لاءِ اسان پنهنجا وسيلا پيدا ڪنداسين ۽ مخير حضرات کي اپيل به ڪنداسين ۽ مختلف انجمنن، شهري ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان به ڳالھھ ڪري ۽ عوام جي تعاون سان انهن شهرن جي صفائي ڪنداسين. 
*****


4/28/2024 11:13:35 PM