Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ تيز برساتن جي ڪري مختلف حادثن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ ۽ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوجي جوانن ۽ آفيسرن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ ۽ عوام جي ملڪتين جو وڏي تعداد ۾ نقصان ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 9/4/2014 1
پنجاب ۾ تيز برساتن جي ڪري مختلف حادثن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ ۽ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوجي جوانن ۽ آفيسرن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ ۽ عوام جي ملڪتين جو وڏي تعداد ۾ نقصان ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
گجرات، سيالڪوٽ،ڪامونڪي، ناروال، قصور، سمندري، گجرانوالا ۽ ٻين علائقن ۾ برساتن سان جيڪو جاني و مالي نقصان ٿيو آهي اهو ڪنهن به حادثي کان گهٽ نه آهي.
برساتن ۽ سيلابي ريلن کان نڀرڻ جي لاءِ پنجاب حڪومت تمام وسيلا، ذريعا ۽ تدبيرن جو ڀرپور استعمال ڪري.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ تيز برساتن جي ڪري ڇتون ڪرڻ ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ ۽ جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول تي مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 فوجين ۽ آفيسر جي شهادت ۽ ڪجھ فوجين جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ برساتن جي ڪري چناب، راوي، ستلج ۽ جهلم دريائن ۾ وڏي سيلاب جون اطلاعون آهن ۽عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس ۽ مثبت قدم کنيا وڃن.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته پنجاب جي ضلعن گجرات، سيالڪوٽ، ڪامونڪي، ناروال، قصور، سمندري، گجرانوالا ۽ ٻين علائقن ۾ برساتن جي ڪري ۽ لائين آف ڪنٽرول ۾ مٽي جي ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوجي جوانن جي قيمتي جانين جو زيان ٿيڻ  ۽ مالي نقصان ٿيڻ ڪنهن به حادثي کان گهٽ نه آهي ۽ ان تي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.انهن فرمايو ته پنجاب حڪومت کي تيز برساتن ۽ سيلابي وهڪرن کان نڀرڻ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس ۽ مثبت قدمَ اڳ ۾ ئي کڻڻ گهرجن ها،انهن فرمايو ته پنجاب جي چئني دريائن ۾ وڏي درجي جي سيلاب جو اطلاعون آهن جنهن سان عوام جي جان و مال کي سخت نقصان پهچڻ جو خطرو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنجاب حڪومت ڦڙتي جو مظاهرو ڪري ۽ انتظاميه کي متحرڪ ڪري.انهن فرمايو ته پنجاب ۾ ٿيندڙ تيز برساتن سان ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ نقصان ٿيڻ سان ثابت ٿي چڪو آهي ته برساتن جي تباهين کان بچڻ جي لاءِ پنجاب حڪومت ڪي به قدم نه کنيا هئا ۽ نه ئي ان صورتحال کان نڀرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي فعال ڪيو ويو هو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي ڪري  مختلف حادثن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن ۽ ڇپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوجي جوانن جي هلاڪ ٿيڻ تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.جناب الطاف حسين پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ تيز برساتن ۽ سيلابي وهڪرن جي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي، انهن جي ملڪيتن جي نقصانن جو ازالو ڪيو وڃي، زخمي ٿيندڙن کي علاج معالجي جون سرڪاري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ پنجاب جي دريائن ۾ وڏي درجي جي سيلاب کان عوام جي جان و مال جي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ پنجاب حڪومت تمام وسيلن، ذريعن ۽ تدبيرن جو ڀرپور استعمال ڪري.

6/2/2024 1:20:02 AM