Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ اهي جائز ڳالهين کي مڃي وٺن ۽ رضاڪارانه طور تي حڪومت چڏي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 8/28/2014
ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ اهي جائز ڳالهين کي مڃي وٺن ۽ رضاڪارانه طور تي حڪومت چڏي ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن ضد ۽ بحث هلندي رهي ۽ حڪومت ضد نه چڏي ته ٽئين قوت کي اچڻو پوندو.
حڪومت کي بردباري جو مظاهرو ڪندي مثبت فيصلا ڪرڻ گهرجن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن حڪومت سياسي بحران جي خاتمي جي لاءِ جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ ۽ ڳالھ مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته حالتن کي وڌيڪ تباهي ۽ بربادي ڏانهن وٺي وڃڻ کان بهتر آهي ته اها گهر هلي وڃي. انهن اها ڳالھ رات جو هڪ انٽرويو ۾ چئي.جناب الطاف حسين فرمايو ته پندرنهن ڏينهن گذري ويا آهن ماڻهو اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيون ويٺا آهن، اهي خراب موسم ۽ برسات ۾ کليل آسمان جي هيٺان ويٺا آهن جن ۾ معصوم ٻار، ٻارڙيون، امڙيون، ڀينرون ۽ بزرگ شامل آهن انهن جي  کائڻ پيئڻ جو انتظام نه آهي ۽ نه ئي باٿ روم جي سهولت آهي، الله تعالٰي ڪنهن کي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري جنهن کي ڏسي ڪري روئڻ اچي، پر حڪومت ڪابه ڳالھ مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي، آخر اهو سڀ ڪجھ ڪهڙو مذاق ٿي رهيو آهي. انهن فرمايو ته حڪومت وارن کي سوچڻ گهرجي ته انهن جا به ٻارٻچا ۽ نياڻيون آهن. انهن فرمايو ته 15 ڏينهن کان خصوصن پنجاب ۾ اها نازڪ صورتحال آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ وزير اعلٰي پنجاب چين هليا ويا آهن.انهن فرمايو ته ملڪ جي بقا و سلامتي کان وڌيڪ ڪهڙو مسئلو ٿي سگهي ٿو؟ انهن سانحه ماڊل ٽائون جو ذڪر ڪندي فرمايو ته اتي پوليس جي گولين سان 14 ماڻهو مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ،اهي ڪي ماڪوڙا نه هئابلڪه جيئندا جاڳنداانسان هئا. انهن فرمايو ته ظلم ڪرڻ وارن جو حشربه برو ٿيندو آهي، الله تعالٰي جي لٺ بي آواز هوندي آهي اها وسندي آهي ته پوءِ آواز نه ٿيندو آهي.انهن حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول مبارڪ بيان ڪندي فرمايو ته ڪفر جي حڪومت ته قائم رهي سگهي ٿي پر ظلم جي حڪومت قائم رهي نه ٿي سگهي.انهن فرمايو ته سانحه ماڊل ٽائون جي ايف آئي آر ڪٽرائڻ عوامي تحريڪ جو آئيني ۽ قانوني حق آهي ۽ عدالت به ان سلسلي ۾ فيصلو ڏيئي چڪي آهي پر ان جي باوجود واقعي جي ايف آئي آر درج نه پئي ڪئي وڃي. انهن فرمايو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جا مطالبا جائز آهن .انهن جي مطالبن جي اڪثريت کي غلط چئي نه ٿو سگهجي.بلڪه انهن تي بحث ، ترميمون ۽ ڳالھ ٻولھ ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن ڪوئي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي لاءِ تيار نه ٿئي ته ڪيئن ڳالھ ٻولھ ٿي سگهي ٿي.انهن فرمايو ته پوري دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان صوبا بڻجن ٿا پر جيڪڏهن هتي صوبن جي ڳالھ ٿئي ٿي ته ماڻهو صوبائيت تي اچي وڃن ٿا. انهن فرمايو ته اهڙي طرح لوڪل گورنمينٽ سسٽم قائم ٿيڻ گهرجي ۽ عوام کي علاقائي سطح تي بااختيار بڻائڻ گهرجي. انهن فرمايو ته مان اهڙي جمهوريت کي نه ٿو مڃان جيڪا لوڪل گورنميٽ سسٽم کان خالي هجي، الطاف حسين اهڙي ماڻهو کي حقيقي جمهوريت جو دشمن سمجهي ٿو جيڪو لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي خلاف آهي. انهن فرمايو ته مان ملڪ ۾ اهڙو نظام ڏسڻ چاهيان ٿو جتي امن و سڪون هجي. انهن واضع لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن حڪمران مطالبا نه ٿا مڃن ته مان انهن کي مشورو ڏيندس ته اهي رضاڪارانه طور تي گهر هليا وڃن ته جيئن خون خرابو نه ٿئي.ماڻهن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ مان حڪمرانن کي هٿ ٻڌي ڪري اپيل ڪريان ٿو ته ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ اهي جائز ڳالھين کي مڃي وٺن ۽ رضاڪارانه طور تي حڪومت چڏي ڏين.جيڪڏهن ضد ۽ بحث هلندي رهي ۽ حڪومت ضد نه چڏي ته ٽئين قوت کي اچڻو پوندو حڪومت کي بردباري جو مظاهروڪندي مثبت فيصلا ڪرڻ گهرجن.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جي ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ جي باري ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي فيصلو ڪندي ۽ اها جيڪو به فيصلو ڪندي مان ان کي مڃيندس.انهن فرمايو ته انڊيا ۽ پاڪستان گڏ آزاد ٿيا هئا، انڊيا فيوڊل ازم کي ختم ڪري چڏيو پر اسان وٽ فيوڊل ازم سسٽم اڄ تائين رائج آهي ۽ هتي ڊيموڪريسي جي نالي تي فيوڊوڪريسي آهي.انهن فرمايو ته مان 2004 ۾ انڊيا انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ ويس جتي منهنجي انڊيا جي ڪيترن ئي وڏن سياستدانن ۽ حڪمرانن سان ملاقات ٿي انهن جي گهرن تي مان ساده زندگي ڏسي ڪري ڏاڍو متاثر ٿيس، پر اسان جي حڪمرانن ۽ سياستدانن جي عيش و عشرت جي زندگي ڏسي ڪري مون کي وڏو افسوس ٿئي ٿو.پي ٽي آئي جي ڌرڻي جي باري ۾ انهن فرمايو ته پي ٽي آئي جي قيادت کي منهنجي گذارش هوندي ته سٺيون سٺيون تقريرون ڪرڻ جي بجاءِ ڪوئي ٺوس پروگرام ڏين، خالي تقريرن سان ڪجھ وقت ته ڪم هلي سگهي ٿو پر ڊگهي وقت تائين ڪم هلي نه ٿو سگهي.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته اسان جي ملٽري قيادت ۽ آئي ايس آئي جي قيادت وڏي شريف آهي ۽ ان ۾ قوت برداشت تمام گهڻي آهي ٻيو ڪوئي انهن جي جڳھ تي هجي ها ته سڀ منظر ڏسي ڪري فورن حڪم ڏيئي چڏين ها. انهن فرمايو ته فوج ملڪ جي سلامتي جي لاءِ اتر وزيرستان ۾ تاريخ جي مشڪل ترين جنگ وڙهي رهي آهي جنهن ۾ هزارين فوجي جوانن سان گڏو گڏ جرنل به شهيد ٿيا آهن. انهن فرمايو ته ڪالھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي اعلان کان پوءِ ڏٺو ويندو ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي پر هاڻي ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ ميدان ۾ اچڻ ضروري ٿي پيو آهي.

 

6/1/2024 10:43:04 PM