Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو، موجوده صورتحال تي ڳالھ ٻولھ.


 Posted on: 8/17/2014
گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو، موجوده صورتحال تي ڳالھ ٻولھ.
گورنر پنجاب موجوده سياسي بحران جي حل جي سلسلي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪردار کي ساراهيو.
لنڊن؛ 17 آگسٽ 2014
           گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن سان موجوده صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. گورنر پنجاب موجوده سياسي بحران جي حل جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو. جناب الطاف حسين موجوده سياسي بحران جي سياسي حل جي سلسلي ۾ گورنر پنجاب جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي. انهن گورنر پنجاب کي چيو ته اوهان سميت جيڪي شخصيتون به مسئلن جي حل جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيون آهن مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو ته مسئلي جو ڪوئي اهڙو حل نڪري جو اپوزيشن مطمئن ٿئي ۽ حڪومت کي به تسلي ٿئي  ۽ سڀ گڏجي ڪري ملڪ جي خدمت ڪريون.
****

6/17/2024 4:02:09 AM