Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف پنهنجن الٽيميٽمن کي واپس وٺي ڪري معاملن کي صرف مطالبن تائين محدود رکن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/17/2014
پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف پنهنجن الٽيميٽمن کي واپس وٺي ڪري معاملن کي صرف مطالبن تائين محدود رکن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ، حڪومتي تنصيبات تي يلغار ڪرڻ ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جو نقصان پهچائڻ کان هر قيمت تي پاسو ڪيو وڃي.
حڪومت وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن سان فوري طور تي ڳالهين جو آغاز ڪري ۽ انهن جي جائز مطالبن کي فوري طور تي تسليم ڪري ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 آگسٽ 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ علامه طاهر القادري ۽ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان ۽ انهن جي اتحادي جماعتن جي رهنمائن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي طوفاني برساتن ۽ موسم جي خرابي جي باوجود پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج جاري رکڻ تي زبردست خراج تحسين ۽ شاباش پيش ڪئي آهي،انهن وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ انهن جي ڪابينا جي ميمبرن جو به شڪريو ادا ڪيو جن احتجاجي مارچ جي خلاف هر قسم جي طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو ۽ دانشمندي ۽ برداشت کان ڪم ورتو.جناب الطاف حسين فرمايو ته اطلاعن جي مطابق ڪجھ هنڌن تي مقامي انتظاميه ۽ پوليس مارچ ڪندڙ جماعتن جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون آهن، منهنجو حڪومت کان مطالبو آهي ته انهن گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين پاڪستان عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ انهن جي اتحادي جماعتن جي رهنمائن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته جتي انهن هن مهل تائين صبر و تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پرامن رهي ڪري احتجاج ڪيو آهي، خدا جي واسطي مستقبل ۾ به پنهنجي احتجاج کي هر قيمت تي پرامن رکن ۽ انهن جيڪو به الٽيميٽم ڏنو آهي ان الٽيمٽم کي واپس وٺي ڪري معاملو مطالبن تائين ئي محدود رکن، تشدد جو رستو ۽ طريقو اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪن، خصوصن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ، حڪومتي تنصيبات تي ڪنهن به قسم جي يلغار ڪرڻ، انهن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ کان هر قيمت تي گريز ڪن. جناب الطاف حسين حڪومت کي مشورو ڏنو ته اها به وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي احتجاج ڪرڻ وارين جماعتن سان ڳالهين جو فوري طور تي آغاز ڪري، انهن جي جائز مطالبن کي فوري طور تي تسليم ڪري ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ معاملن کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي ئي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري.جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن حالتن ۾ ان ڳالھ کي به سامهون رکيو وڃي ته اسان جي فوج ان وقت اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف تاريخ جي سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پاڪ فوج جا جوان تمام تر مشڪلاتن جي باوجود هر محاذ تي فتح حاصل ڪري دهشت گردن جو صفايو ڪري رهيا آهن،ٻئي طرف دهشت گردن جي هٿان يرغمال بڻيل لکين ماڻهو پنهنجا گهر بار چڏڻ تي مجبور آهن ۽ ڪيمپن ۾ اذيت ناڪ زندگي گذاري ملڪ و قوم سان محبت جو ثبوت ڏيئي رهيا آهن ان جي ڪري موجوده حڪومت ۽ احتجاج ڪرڻ واريون جماعتون مستقبل ۾ جيڪو به لائحه عمل اختيار ڪن ته  اهي انهن تمام حقيقتن کي سامهون رکندي اختيار ڪن.جناب الطاف حسين تمام ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي ڳالھ ٻولھ جا دروازا کليل رکن ۽ محاذ آرائي کان هر قيمت تي پاسو ڪن ڇو ته محاذ آرائي جو انجام ملڪ جي مفاد ۾ نه هوندو.


6/17/2024 1:20:40 AM