Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيوز ويڪ جي طرفان دي رائيٽ مين جو خطاب ڏيڻ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظرئي جي سچائي جو ثبوت آهي. اشفاق منگي.


 Posted on: 8/16/2014
نيوز ويڪ جي طرفان دي رائيٽ مين جو خطاب ڏيڻ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظرئي جي سچائي جو ثبوت آهي. اشفاق منگي.
اشفاق منگي ڀٽائي ڪالوني ڪورنگي ڪراسنگ جي معزز شخصيتن ۾ دي رائيٽ مين جون ڪاپيون ورهايون.
ڪراچي؛ 16 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ ڪراچي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي زير اهتمام رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي ڀٽائي ڪالوني ڪورنگي ڪراسنگ ۾ مقيم سنڌي برادري سان تعلق رکڻ وارين معزز شخصيتن فدا حسين عباسي، خادم چانڊيو، رياض حسين چنه ۽ ٻين سان انهن جي رهائشگاهن تي ملاقات ڪري انهن کي جناب الطاف حسين جي انگريزي رسالي نيوز ويڪ ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيل انٽرويو جون انگريزي، سنڌي ۽ اردو جون ڪاپيون ورهايون.ان موقعي تي اشفاق منگي چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ٻه سيڪڙو استحصالي طبقو پهرين ڏينهن کان ئي سازشن ۾ مصروف آهي ، انهن چيو ته 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان جي خلاف آپريشن ڪيو ويو ۽ هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو ۽ جناب الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي به شهيد ڪيو ويو پر تمام تر سازشن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزور نه ٿي سگهيا ۽ اڄ نيوز ويڪ جي طرفان دي رائيٽ مين جو خطاب ڏيڻ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي ۽ نظرئي جي سچائي جو ثبوت آهي.معزز شخصيتن ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين هڪ سچا ۽ کرا ليڊر آهن جن ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان سر نه جهڪايو آهي. ان موقعي تي ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو انچارج فرخ اعظم ۽ ٻيا به موجود هئا.


6/17/2024 2:15:56 AM