Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي طرفان اسلام آباد ۾ انقلاب ۽ آزادي مارچ جي شرڪاء ۾ کاڌي پيتي جون شيون، جوس، بسڪوٽ ۽ هزارين پاڻي جون بوتلون تقسيم ڪيون.


 Posted on: 8/16/2014
ايم ڪيو ايم جي طرفان اسلام آباد ۾ انقلاب ۽ آزادي مارچ جي شرڪاء ۾ کاڌي پيتي جون شيون، جوس، بسڪوٽ ۽ هزارين پاڻي جون بوتلون تقسيم ڪيون.
رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ حيدر عباس رضوي، رشيد گوڏيل ۽ اسلم آفريدي شرڪاء جي لاءِ ناشتو به کڻي ويا، مارچ جي شرڪاء کاڌي پيتي جون شيون پهچائڻ تي ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.
اسلام آباد؛ 16 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي،رشيد گوڏيل ۽ اسلم آفريدي اسلام آباد ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي جلسي گاھ جو دورو ڪيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي سيونٿ ايونيو چوڪ تي ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ کاڌي پيتي جون شيون، جوس بسڪوٽ ۽ هزارن جي تعداد ۾ پاڻي جون بوتلون تقسيم ڪيون.ان موقعي تي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو ميمبر زاهد ملڪ ۽ ٻيا به موجود هئا.مارچ جي شرڪاء کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو دل سان شڪريو ادا ڪيو.رابطا ڪميٽي جا ميمبر مارچ جي شرڪاء سان مليا ۽ انهن جي خيريت دريافت ڪئي.جلسي گاھ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جو هميشه کان اهو ئي موقف رهيو آهي ته سياسي معاملن کي افهام و تفهيم ۽ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي  حل ڪيو وڃي،رابطا ڪميٽي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انقلاب مارچ ۽ آزادي مارچ جي شرڪاء جي لاءِ تمام گهڻا فڪر مند آهن ۽ انهن جي طرفان انساني همدردي جي بنياد تي مارچ جي شرڪاء جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي رهاڪن کي اپيل ڪئي آهي ته مارچ جا شرڪاء اوهان جا مهمان آهن ۽ انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي.رابطا ڪميٽي حڪومت ۽ اپوزيشن جي رهنمائن کي اپيل ڪئي ته اهي ملڪ جي موجوده نازڪ صورتحال کي سامهون رکندي ڪنهن به قسم جي محاذ آرائي ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪن ۽ سياسي معاملن کي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪن.

6/17/2024 1:13:58 AM