Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي معزز شخصيتن سان اشفاق منگي جي ملاقات.


 Posted on: 8/15/2014
ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي معزز شخصيتن سان اشفاق منگي جي ملاقات.
انهن شخصيتن کي اشفاق منگي نيوز ويڪ ۾ دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ جناب الطاف حسين جي انٽريو جون سنڌي ۽ اردو جون ڪاپيون پيش ڪيون.
ڪراچي؛ 15 آگسٽ 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي معزز شخصيتن عبدالرشيد مگسي، محمد ملوڪ عمراڻي،زاهد حسين راڄپر، سيد خليل احمد ۽ ٻين سان انهن جي رهائشگاهن تي وڃي ڪري ملاقات ڪئي ۽ انهن کي بين الاقوامي رسالي نيوز ويڪ ۾ جناب الطاف حسين جي دي رائيٽ مين جي عنوان سان شائع ٿيندڙ انٽرويو جون سنڌي ۽ اردو ترجمي جون ڪاپيون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڪي ايم او سي انچارج فرخ اعظم ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي اشفاق منگي چيو ته پوري دنيا ان حقيقت کي تسليم ڪيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جيڪي ڳالھ ڪن ٿا ته ان تي عمل به ڪن ٿا. انهن چيو ته نيوز ويڪ جي طرفان جناب الطاف حسين کي دي رائيٽ مين جو خطاب ڏيڻ سڄي ملڪ جي عوام جي لاءِ نه صرف فخر جي ڳالھ آهي بلڪه ان خطاب ڏيڻ سان اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ملڪ جي سياست ۾ حق پرستانه ۽ سچائي تي مشتمل فڪر و فلسفو ۽ جدوجهد جناب الطاف حسين جو ئي شعار آهي.معزز شخصيتن ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي ان ڳالھ سان مڪمل اتفاق ڪيو ته جناب الطاف حسين هڪ سچا ۽ کرا ليڊر آهن جن ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان سر نه جهڪايو آهي.انهن چيو ته نيوز ويڪ دنيا کي حقيقت ٻڌائي ته جناب الطاف حسين هڪ سچا ۽ کرا انسان آهن ۽ ان کان ڪوئي به انڪار نه ٿو ڪري سگهي.


6/17/2024 4:22:32 AM