Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوئيٽا ۾ سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن بيس تي دهشت گردن جي طرفان حملن تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪوئيٽا ۾ سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن بيس تي دهشت گردن جي طرفان حملن تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/15/2014
ڪوئيٽا ۾ سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن بيس تي دهشت گردن جي طرفان حملن تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
دهشت گردن جي ڪاروائي بدترين آهي ۽ ملڪ جي سلامتي تي کليل حملو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 15 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين دهشت گردن جي طرفان ڪوئيٽا ۾ سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن بيس تي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن حملن کي بدترين ڪاروائي ۽ ملڪ جي سلامتي تي کليل حملو قرار ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته اتر وزيرستان ۾ جاري آپريشن ضرب عضب جي باوجود دهشت گردن جي طرفان سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن تي حملو ڪرڻ کليل دهشت گردي آهي ۽ اهو حملو ملڪ کي عدم استحڪام کان دوچار ڪرڻ جي سازشن جو تسلسل آهن. انهن فرمايو ته سيڪيورٽي فورسز سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن بيس تي دهشت گردن جي حملن کي جنهن بهادري سان ناڪام بڻايو ۽ انهن جو خاتمو ڪيو ان تي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي جيتري قدر به خراج تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي.انهن فرمايو ته دهشت گردن جي طرفان حملن جي بدترين ناڪامي سان ثابت ٿي ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ، جرت ۽ حب الوطني جي سامهون دهشت گرد پنهنجن  مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.انهن دهشت گردن جي حملي ۾ ڪجھ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪوئيٽا ۾ سمنگلي ايئربيس ۽ خالد آرمي ايوي ايشن تي حملن ۾ ملوث دهشت گردن جي سرپرستن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سڄي ملڪ کان دهشت گردي جي نيٽ ورڪ جي خاتمي جي لاءِ مثبت ۽ ٺوس قدمَ کنيا وڃن.

6/17/2024 1:37:19 AM