Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/15/2014
خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ذميوارَ ۽ ڪارڪنَ ڏکايل انسانيت جي خدمت جو سلسلو جاري رکن ۽ مظلوم عوام جي هر ممڪن مدد ڪن. جناب الطاف حسين.
ماڊل ٽائون لاهور ۾ اڻ وڻندڙ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود يوم شهداء جي شرڪاء کي کاڌو پيتو، کير ۽ مريضن کي علاج معالجي جي سهولتن جي فراهمي تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش.
لنڊن؛ 15 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو نصب العين آهي ۽ ايم ڪيو ايم ڏکايل انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، لاهور زونل ڪميٽي، ڪارڪنن ۽ ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.ان موقعي تي پنجاب هائوس جي ذميوارن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم جو مثبت ڪردار سڄي ملڪ خصوصن پنجاب ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي ۽ زندگي جيمختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو پاڪستان ۾ سياسي بحران جي خاتمي، قيمتي انساني جانين جي تحفظ ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ عملي مظاهري تي ايم ڪيو ايم ۽ اوهان جي ڪردار کي قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿا.جناب الطاف حسين فرمايو ته سڄي ملڪ ۾ اڄ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ جن مثبت خيالن جو اظهار ڪيو پيو وڃي ان جو ڪريڊٽ تحريڪ جي هڪ هڪ پرعزم ڪارڪن کي وڃي ٿو،جن پنهنجين گهريلو مصروفيتن، آرام ۽ سڪون چڏي ڪري انسانيت جي خدمت جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪيو.انهن ماڊل ٽائون لاهور ۾ اڻ وڻندڙ ۽ ڏکين حالتن جي باوجود يوم شهداء جي شرڪاء کي کاڌو پيتو، کير ۽ مريضن کي علاج معالجي جي سهولتن جي فراهمي تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، ڪارڪنن خصوصن ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي اسٽاف کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن کي دعائون به ڏنيون.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم خلق خدا جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت جي فلسفي تي هلندي عوام جي هر ممڪن مدد ڪري رهي آهي.جناب الطاف حسين تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي ڏکايل انسانيت جي خدمت جو سلسلو جاري رکن ۽ مظلوم عوام جي هر ممڪن مدد ڪن.

6/17/2024 4:45:23 AM