Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جو فون تي رابطو.موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ.


 Posted on: 8/14/2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور جو فون تي رابطو.موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ.
ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي کي پاڪستان جي يوم آزادي جي مبارڪباد به پيش ڪئي.
لنڊن؛ 14 آگسٽ 2014
          گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. ٻنهي رهنمائن هڪ ٻئي کي پاڪستان جي يوم آزادي جي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان کي دشمنن کان محفوظ رکي ۽ ان کي ترقي عطا فرمائي.جناب الطاف حسين گورنر پنجاب کي چيو ته وفاقي حڪومت رڪاوٽون هٽائڻ جو اعلان ته ڪري چڏيو آهي پر اطلاعون اچي رهيون آهن ته هن مهل تائين رڪاوٽون نه هٽايون ويون آهن. انهن گورنر پنجاب کي وڌيڪ چيو ته ڪجھ وقت اڳ ڊاڪٽر طاهر القادري جي پاڪستان آمد وقت به جيڪو بحران پيدا ٿيو هو ان کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ ۾ اوهان اهم ڪردار ڪيو هو ۽ مان هاڻي به اوهان کي درخواست ڪريان ٿو ته اوهان موجوده بحران کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريو.گورنر پنجاب جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته مان اوهان ۽ اوهان جي جماعت جي دل سان عزت ڪريان ٿو ڇو ته اوهان صحيح معنٰي ۾ مڊل ڪلاس جي نمائندگي ڪريو ٿا ۽ پاڻ منهنجو تعلق به مڊل ڪلاس سان آهي ، مان اها ڳالھ ماضي ۾ به چئي چڪو آهيان ته اوهان کي لکين ماڻهن جي حمايت حاصل آهي ۽ اوهان جي جماعت هڪ وڏي جمهوري جماعت آهي جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن وڌيڪ چيو ته ڪنٽينر ۽ ٻيون رڪاوٽون هٽائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ پنجاب حڪومت صوبائي انتظاميه کي واضع هدايتون ڏنيون آهن ته ڪنهن جي به اچ وڃ ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن.جناب الطاف حسين گورنر پنجاب کي ڏکئي وقت ۾ دانشمندانه ڪردار ادا  ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.



6/17/2024 4:13:21 AM