Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ميان محمد نواز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺن ته جيئن دنيا ۾ اهو تاثر نه وڃي ته فوج اهو آپريشن پاڻ ئي شروع ڪري چڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/16/2014
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺن ته جيئن دنيا ۾ اهو تاثر نه وڃي ته فوج اهو آپريشن پاڻ ئي شروع ڪري چڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ادب ۽ احترام سان مان وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پهرين هنگامي بنيادن تي قوم سان مخاطب ٿين.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 16 جون 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي اها آئيني ، قانوني، اخلاقي ۽ هڪ آزاد ملڪ جي سربراھ جي حيثيت سان ذميواري بڻجي ٿي ته وزيرستان ۾ شروع ڪيل دهشت گردن جي خلاف آپريشن جي شروعات کان پهرين يا شروعات کان فورن بعد ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي قوم کي هنگامي خطاب ڪرڻ گهرجي ها ۽ اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته دهشت گردن جا حملا هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي خلاف آپريشن ضرروي ۽ ناگزير ٿي چڪو آهي، لحاظه وفاقي حڪومت فوج کي اجازت ڏيئي چڏي آهي ته اها باقائده آپريشن ڪري. انهن فرمايو ته مون کي اها بلڪل خبر نه هئي ته جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي يا جنهن جو آغاز ٿيڻ وارو آهي ان جي اجازت وفاقي حڪومت هٿيار بند فوج کي ڏيئي چڏي آهي، پر بحيثيت چونڊيل وزير اعظم جن کي ايوان ۾ واضع اڪثريت حاصل آهي انهن هن مهل تائين قوم کي ان ڳالھ کان آگاھ نه ڪيو آهي. انهن فرمايو ته مون کي انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن وقت لنڊن ٽائيم جي مطابق رات جا 3 لڳي 20 منٽ ٿي رهيا آهن ۽ مان انتظار ڪندو رهيس ته هاڻي وزير اعظم صاحب قوم کي خطاب ڪندا پر ڪوئي به اعلان نه ڪيو ويو پر اهي اطلاعون ضرور مليون ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ چونڊيل نمائندن کي اعتماد ۾ وٺندا. انهن فرمايو ته اها ڳالھ صرف چونڊيل نمائندن کياعتماد ۾ وٺڻ جي نه بلڪه اهو قومي سلامتي ۽ بقا جو مسئلو آهي ان تي پوي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ هڪ چونڊيل وزير اعظم جو اخلاقي فرض ۽ آئيني ذميواري آهي. لحاظه مان هاڻي به وزير اعظم جي سامهون وڏي احترام سان درخواست ڪندس ته اهي قومي اسيمبلي ۾ اجلاس کان پهرين هنگامي بنيادن تي قوم کي خطاب ڪن ۽ اهي پوري قوم کي آگاھ ڪن ۽ ٻڌائين ته ان آپريشن جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ ڪهڙا سبب هئا ۽ ڪهڙي طرح انهن فوج کي حڪم ڏنو ، جيڪڏهن وزير اعظم صاحب ائين ڪندا ته قوم به حڪومت جو پورو ساٿ ڏيندي.انهن فرمايو ته قوم جي هرطبقي جي طرفان اڪثريت جي راءِ مون وٽ پهچي ٿي. فيڪس ، اي ميل، ٽيوٽر۽ ٽيليفون جي ذريعي ته اهي پوري فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ هئا، آهن ۽ هر ڏکئي وقت ۾ گڏ هوندا ۽ وطن جي حفاظت جي لاءِ پاڪستان جو هڪ هڪ ٻچو ڪٽڻ ۽ مرڻ جي لاءِ تيار آهي. مان وزير اعظم کي وري گذارش ڪندس ته خدا جي واسطي قوم کي اعتماد ۾ وٺو ته جيئن دنيا ۾ اهو تاثر نه وڃي ته فوج آپريشن پنهنجو پاڻ ئي شروع ڪري ڇڏيو آهي ان ۾ وفاقي حڪومت جي اجازت شامل نه آهي يا مرضي شامل نه آهي. ملڪ جو سربراھ چيف آف آرمي اسٽاف نه بلڪه وزير اعظم ميان نواز شريف صاحب آهي. ملڪ انتهائي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ، ماڻهن کي ان آپريشن کان پوءِ جي صورتحال جي ڳڻتي آهي لحاظه قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته قومي اسيمبلي جا نمائندا به عوام جا نمائندا هوندا آهن، پر جڏهن قومي سلامتي جي معاملن جي بقا جا مسئلا اچن ٿا يا ملڪ تي ڪائي آفت اچي ٿي يا جنگ مسلط ٿئي ٿي ته هميشه ان ملڪ جو جيڪو سربراھ هوندو آهي اهو فوري طور تي قوم کي خطاب ڪندو آهي ۽ قوم کي اعتماد ۾ وٺندو آهي. ته مان پهرين به عرض ڪري چڪو آهيان ۽ دردمندانه اپيل سان گڏ وري گذارش ڪندس ته هن  وقت قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، لحاظه وزير اعظم صاحب مهرباني ڪري قوم جي سامهون اچن ۽ ٽيليويزن تي اچي ڪري قوم کي سڀني سببن کان آگاھ ڪن ۽ قوم کي اتحاد ،ڀائيچاري ۽ بهادري جو پيغام ڏين.
*****

4/28/2024 3:14:20 AM