Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جو آغاز تمام سٺي ڳالھ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/15/2014
دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جو آغاز تمام سٺي ڳالھ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم جو ٻچو ٻچو هٿيار بند فوج سان گڏ آهي.
وفاقي حڪومت جي هدايت تي اتر وزيرستان ۾ شدت پسندن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جي آغاز جو خير مقدم.
لنڊن؛15 جون 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وفاقي حڪومت جي هدايت تي اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جي آغاز جو خير مقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده حڪومت جي هدايت تي فوج اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اسان ان تي وفاقي حڪومت ۽ فوج جي تمام ذميوارن ۽ هڪ هڪ جوان کي يقين ڏياريون ٿا ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم ئي نه بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ايستايئن جو امڙيون ۽ ڀينرون به فوج سان گڏ آهن.انهن فوج جي طرفان ڪيل فوجي آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي دهشت گردن سان نڀرڻ جي لاءِ فوج جي غيب سان مدد فرمائي. انهن فرمايو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر فوج کي ايم ڪيو ايم جي طرفان غير مشروط تعاون جو يقين ڏياريان ٿو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن اوهان جي اشاري جو منتظر آهي ۽ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن جي خلاف نه صرف فوج سان گڏ آهن بلڪه وطن عزيز جي هڪ هڪ انچ زمين جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به پاسو نه ڪندا.انهن تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي چيو ته اهي خدا جي واسطي پنهنجن اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري دهشت گردن جي خلاف فوجي آپريشن ۾ فوج جو ساٿ ڏين. انهن ميڊيا خصوصن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تمام نشرياتي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجين خبرن ۽ پروگرامن سان گڏو گڏ فوج ۽ قوم جو حوصلو وڌائڻ جي لاءِ ملي نغما به ٿوري ٿوري دير کان پوءِ پيش ڪندا رهن. انهن تمام مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن کي به اپيل ڪئي ته اهي پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ هرنماز کان پوءِ الله تعالٰي جي مدد جي حصول ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪاميابي جي لاءِ دعائون ڪن.آخر ۾ جناب الطاف حسين دهشت گردي جي خلاف همت و جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ وارن ۽ جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن فوجي آفيسرن، جوانن ۽ عام شهرين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين.

 

4/28/2024 5:44:59 AM