Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گرد ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


 Posted on: 6/15/2014
دهشت گرد ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن دهشت گرد رهيا ته( خدا خير ڪري) پاڪستان نه رهندو ۽ پاڪستان رهندو ته دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻو پوندو.
سڄي دنيا جا دهشت گرد اسان جي قبائلي علائقن ۽ شهرن ۾ اچي ڪري آباد ٿي ويا آهن جيڪي اسان جي ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪري رهيا آهن .
لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 15 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گرد ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن، جيڪڏهن دهشت گرد رهيا ته( خدا خير ڪري) پاڪستان نه رهندو ۽ پاڪستان رهندو ته دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن دهشت گردن جو پوري ملڪ تي قبضو ٿي ويو ته اهي ملڪ ۾ جڳھ  جڳھ تي ڪوس گهر ٺاهيندا جتي جانورن جي بجاءِ انسانن کي ذبح ڪيو ويندو. ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ آباد تمام امن پسند پاڪستاني پنهنجن فرضن کي سمجهندي پاڪستان کي بچائن. انهن خيالن جو اظهار انهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه
جي زير اهتمام منعقد ڪيل اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. اجتماع ۾ لنڊن، برمنگهم، مانچسٽر، شيفيلڊ، سري ۽ نوٽنگهم کان علاوه بيلجيئم فرانس، سوئيڊن، آئرلينڊ ۽ هالينڊ کان به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ پاڪستانين شرڪت ڪئي. گذريل پوئين ڏينهن ۾ علالت جي ڪري ڊاڪٽرن جناب الطاف حسين کي آرام ڪرڻ  جو مشورو ڏنو هو ، ڊاڪٽرن جي هدايت تي عمل ڪندي جناب الطاف حسين اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪيو.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، پاڪستان کان آيل اسيمبلين جي حق پرست ميمبرن، شعبن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ عورتن ۽ ٻارن جي به وڏي تعداد موجود هئي. هال ۾ جڳھ گهٽ پوڻ جي ڪري ماڻهن هال کان ٻاهر بيهي ڪري خطاب ٻڌو. پنهنجي خطاب ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تمام حاضرين کي اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته 11 جون ايم ڪيو ايم جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي ، جڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد تنظيم قائم ڪئي وئي. جنهن ايم ڪيو ايم جهڙي عوامي تحريڪ کي جنم ڏنو جيڪي سڄي ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. اي پي ايم ايس او جو اجتماع صرف پاڪستان ۾ ئي نه پر آمريڪا،ڪينيدا، سائوٿ آفريڪا، آسٽريليا ۽ بيلجيئم کان علاوه ٻين ملڪن ۾ به ملهايو ويو آهي. جنهن تي مان ايم ڪيو ايم جي اوورسيز يونٽن جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته اڄ هن اجتماع ۾ صرف اردو ڳالهائڻ وارا ئي شريڪ نه آهن بلڪه پاڪستان جي تمام قومن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو به شريڪ آهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ وسندڙ پنجابين، سنڌين، بلوچن، پختونن، سرائيڪين، ڪشميرين، هزاري وال ۽ گلگتي بلتستانين کان علاوه تمام مڪاتب فڪر ۽ پاڪستان ۾ وسندڙ تمام غير مسلمن جي نمائندگي ڪري رهي آهي.انهن فرمايو ته حق پرستانه جدوجهد ۾ ايم ڪيو ايم ڪيترائي ڀيرا باھ ۽ رت جا درياھ عبور ڪيا.ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون، عقوبت خانن ۾ بدترين تشدد کي منهن ڏنائون ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽي عارف حسين شهيدسميت 15 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو، انهن فرمايو ته ان جدوجهد جي دوران مون تي ڪوڙا مقدما قائم ڪيا ويا.مون کي ٽي ڀيرا گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊي جي مهم هلائي وئي.ايم ڪيو ايم مخالف قوتون سمجهن پيون ته اهي منفي پروفيگنڊن، طاقت ۽ ظلم جي ذريعي پاڪستان ۾ وسندڙ مظلوم قومن کي ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين جي خلاف ڪري چڏينديون، پر الله تعالٰي جو شڪر آهي ته ان مون کي ۽ منهنجن ساٿين کي همت ڏني ۽ اسان پنهنجي جدوجهد جاري رکي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اڄ اسان جي تحريڪ جو دائرو سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي چڪو  آهي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ تمام قومن، مسلڪن ۽ مذهبن جا ماڻهو شامل آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد جماعت آهي جيڪا فرسوده جاگيرداراڻه،وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ صحيح معنٰي ۾ اهڙي سچي جمهوريت جي نفاذ جي جدوجهد ڪري رهي آهي، جتي عوام جي حڪومت هجي .انهن فرمايو ته پاڪستان کي مذهبي انتهاپسندي جهڙي عذاب جو سامنو آهي ملڪ دشمن عناصر مذهب کي استعمال ڪري پاڪستان ۽ ان جي عوام کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ، چار ڏينهن اڳ تفتان ۾ وحشي دهشت گردن معصوم ۽ بي گناھ زائرين تي مسلح حملا ڪري انهن جو قتل عام ڪيو ڇو ته اهي شيعه فقه سان تعلق رکندا هئا. ان کان اڳ ڪوئيٽا ۾ هزاره ڪميونٽي سان تعلق رکڻ وارن کي قتل ڪيو ويو پر اڄ تائين انهن قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي.انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ هڪ  طبقو اهڙو آهي،جيڪو کليل طور تي اهل تشيع کي ڪافر قرار ڏيئي ٿو. پر منهنجي نظر ۾ جيڪو اهل تشيع کي ڪافر قرار ڏيئي ٿو اهو پاڻ ڪافر آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن شيعه حضرات صحابهڪرام جي بي حرمتي ڪن ٿا اهي به قابل مذمت آهن پر مان سمجهان ٿو ته سچا شيعا صحابه ڪرام جو احترام ڪن ٿا. پاڪستان کي هن وقت اتحاد ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي. ان جي ڪري اسان سڀني کي هڪ ٻئي جي مذهبي جذبن ۽ عقيدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن نظرين کي زبردستي ڪنهن تي مسلط نه ڪرڻ گهرجن. ڇو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي واضع طورتي  ارشادفرمايو آهي ته لااڪراه في الدين، يعني دين ۾ ڪوئي به ڏاڍ نه آهي اهڙي طرح هڪ ٻئي جڳھ تي فرمايو آهي ته لڪم دينڪم ولي الدين.يعني توهان جو دين توهان وٽ  ۽ منهنجو دين مون وٽ .انهن پنڊال جي شرڪاء کان دريافت ڪيو ته ڇا دين اسلام مسلڪ ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ٿو؟۽ سرڪار دوعالم صلي الله عليه و آله وسلم ڇا ڪنهن مخالف فقه، مسلڪ يا مذهب جي مڃڻ واري کي مارڻ جي تلقين فرمائي آهي؟ جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه، انهن وڌيڪ فرمايو ته سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم کي پوري عالم جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو ويو آهي.دين اسلام جي تبليغ جي ڏوھ ۾ انهن تي گند اڇلايو ويندو هو ۽ جنهن ڏينهن انهن تي گند نه اڇلايو ويو ته اوهان صلي الله عليه وسلم ان گند اڇلائڻ واري عورت جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ انهن جي گهر ويا. اسان روزانه نماز ۾ سوره فاتحه جي تلاوت ڪريون ٿا،ان جي هڪ آيت مبارڪ آهي ته، مالڪ يوم الدين ،يعني الله تعالٰي روز محشر جو مالڪ آهي. جڏهن الله تعالٰي روز محشر جو مالڪ آهي ۽ اهو پاڻ فيصلو ڪندو ته ڪير جنتي آهي ۽ ڪير دوزخي آهي ته پوءِ اسان کي اهو ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته اسان زمين تي جنت ۽ دوزخ جا سرٽيفيڪيٽ ورهائيندا وتون.انهن فرمايو ته اسان ڪنهن به مذهب ، عقيدي يا مسلڪ جي خلاف نه آهيون. اسان مذهبي جنونيت ۽ مسلڪ جي نالي تي هڪ ٻئي کي ڪافر قرار ڏيڻ ۽ معصوم ماڻهن جي قتل جي خلاف آهيون. مذهبي انتها پسند ماڻهو چاهين ٿي ته صرف انهن جا نظريات مڃڻ وارا زنده رهن ۽ مخالف نظريات يا عقيدو رکڻ وارا قتل ڪيا وڃن. اهو عمل قرآن پاڪ ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي تعليمات جي خلاف آهي.
ملڪ جي تمام ماڻهن کي ان مذهبي جنونيت جي خاتمي ، مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي جي لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.انهن فرمايو ته مان ڪيترائي سال اڳ انهي هال ۽ لنڊن جي ٻين هنڌن تي  عوامي اجتماعن کي خطاب ڪندي فرمايو هو ته طالبان دهشت گرد دين اسلام جا دشمن آهن جيڪي مذهب جي آڙ ۾ اسلام کي تباھ ۽ بدنام ڪري رهيا آهن. طالبانائيزيشن ڪراچي ۽ پاڪستان کي اڏهي وانگر ڪائي ويندي. لحاظه ان کي روڪڻ جي لاءِ قدمَ کنيا وڃن ته منهنجو مذاق اڏايو ويو ۽ چيو ويو ته الطاف حسين عوام کي خوف زده ڪري رهيو آهي پر اڄ پاڪستان جا ماڻهو ايمانداري سان ٻڌائين ته ڇا مان غلط چيو هو؟ڇا پاڪستان جا ماڻهو اڄ ان ڳالھ کان انڪار ڪندا ته اهي دهشت گرد ملڪ جون پاڙون ڪمزور ڪري رهيا آهن ، سڄي دنيا جا دهشت گرد اسان جي قبائلي علائقن ۽ شهرن ۾ اچي ڪري آباد ٿي ويا آهن اهي اهم قومي تنصيبات ، مسجدن، امام بارگاهن ۽ مزارن کي بمن سان اڏائي رهيا آهن ، بي گناھ نمازين ۽ معصوم زائرين کي شهيد ڪري رهيا آهن، حال ئي ۾ انهن دهشت گردن طاقت جي زور تي پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري رکي آهي. جيڪڏهن دهشت گردن جو پوري ملڪ تي قبضو ٿي ويو ۽ انهن پاڪستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي ته اهي ملڪ ۾ جڳھ جڳھ تي ڪوس گهر بڻائيندا. جتي جانورن جي بجاءِ انسانن کي ڪٺو ويندو. عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق نه هوندو. انهن کي نوڪرين  ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو.نياڻين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نه هوندي ۽ اهي دهشت گرد عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪري چڏيندا.انهن فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ آهي ته پڙھ پنهنجي رب جي نالي سان جنهن توکي پيدا ڪيو ۽ اهو عورتن ۽ مردن ٻنهي کي مخاطب ڪري فرمايو ويو آهي ، اهڙي طرح نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي.انهن فرمايو ته طالبان دهشت گردن جي هٿان هن مهل تائين 10 هزار فوجي آفيسر ۽ جوان ۽ 70 هزار کان وڌيڪ شهري شهيد ڪيا ويا آهن. ڇا حڪومت هاڻي به اهو سڀ ڪجھ ٿيندو ڏسندي رهندي؟ڇا حڪومت کي هاڻي اهو نه ڪرڻ گهرجي ته اها فوج کي حڪم ڏيئي ته انهن دهشت گردن جي خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏيئي؟ انهن فرمايو ته ڪجھ ماڻهو اهو سوچيندا ته اسان ڳالهين جي مخالفت ڪري رهيا آهيون ته اسان امن جي خاطر 8 هينا اڳ اي پي سي ۾ دهشت گردن سان ڳالهين تي اتفاق ڪيو هو، پر ان عرصي جي دوران دهشت گردن خوب تياري ڪئي، انهن هٿيار جمع ڪيا جنهن کان پوءِ انهن وڏا وڏا حملا ڪيا، فوجين جا ڳلا ڪٽيا ۽ حال ئي ۾ ايئرپورٽ تي حملو ڪيو.انهن فرمايو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن دهشت گردن جو صفايو ڪيو وڃي ڇو ته پاڪستان ۽ دهشت گرد گڏ نه ٿاهلي سگهن. جيڪڏهن دهشت گرد رهندا ته خدا خير ڪري پاڪستان نه رهندو ۽ پاڪستان رهندو ته دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. انهن فرمايو ته تمام پاڪستانين کي پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، اها حڪومت يا ڪنهن هڪ جماعت جي نه بلڪه بحيثيت پاڪستاني اسان سڀني جو فرض آهي.انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم هر قسم جي دهشت گردي ۽ تشدد جي خلاف آهي ، ايم ڪيو ايم نه صرف پاڪستان بلڪه دنيا ۾ امن چاهي ٿي.ايم ڪيو ايم  پاڪستان ۾ اهڙي حقيقي جمهوري نظام جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جتي تمام شهرين کي بغير ڪنهن رنگ و نسل، مسلڪ ۽ مذهب جي فرق ڪرڻ کان سواءِ برابري جا حق حاصل هجن. انهن فرمايو ته جڏهن مان جدوجهد جو آعاز ڪيو هو ته ان وقت منهنجي عمر 24 سال هئي. مان محروم ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن جي لاءِ پنهنجي جواني ۽ تمام خواهشن کي قربان ڪري چڏيو ،ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي ڪري مون کي بيماريون لڳي ويون پر منهنجا حوصلا اڄ به بلند آهن،اڄ به مان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهيان.انهن فرمايو ته منهنجو مقدمو ڪورٽ ۾ آهي مان برطانوي عدالتي نظام جو احترام ڪريان ٿو ۽ ان تي پورو يقين رکان ٿو. جيڪڏهن ڪوڙن الزامن ۾ مون کي ڪجھ ٿي وڃي ٿو ته ڪارڪنن ۽ عوام کي چوندس ته منهنجي فڪر نه ڪجو ،تحريڪ کي جاري رکجو. ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نطام جي لاءِ ۽ محروم ماڻهن جي حقن جي لاءِ منهنجي جان ڪالھ به حاضر هئي ۽ اڄ به حاضر آهي.انهن فرمايو ته مان گذريل پوئين ڏينهن ۾ منهنجي گرفتاري تي 45 ڊگري گرمي جي باوجود پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ پرامن ڌرڻا ڏيڻ، امن کي برقرار رکڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي زبردست سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن نوجوانن خصوصن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تعليم تي خصوصي توجه ڏين ۽ پنهنجن والدين ، استادن ۽ بزرگن جو احترام ڪن. انهن ٻارن کي به تلقين ڪئي ته اهي سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر گيمز کيڏڻ يا ٽي وي ڏسڻ جي بجاءِ ان جو هڪ وقت مقرر ڪن،انهن تحريڪ جي تمام شهيدن ۽ وفات ڪرڻ وارن جي مغفرت ۽ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ شعبه خواتين جي انچارج محترمه صفيه اڪبر ۽ بزرگ ڪارڪنن حافظ مسرور ۽ عثمان دهلوي جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.


4/28/2024 6:33:53 AM