Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شب برات جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ انجنيئر ناصر جمال سان گڏجي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جو پاپوش نگر قبرستان سميت شهر جي ٻين قبرستانن جو دورو


 Posted on: 6/13/2014
شب برات جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ انجنيئر ناصر جمال سان گڏجي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جو پاپوش نگر قبرستان سميت شهر جي ٻين قبرستانن جو دورو.
ڪراچي؛13 جون 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن،رابطا ڪميٽي ۽ ٻين شب برات جي موقعي تي شهداء قبرستان ۽ پاپوش نگر قبرستان سميت ڪراچي جي مختلف قبرستانن جو دورو ڪيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي والدين، وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد، ڀائٽي عارف حسين شهيد ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيدسميت تمام حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني. گلن جي چادر چڙهائي ۽ تمام مرحومن ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت ۽ انهن جي درجات جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سميت تمام سوگوارن جي لاءِ صبر جميل، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي،سازشن جي خاتمي، اسيرن جي رهائي، بيمارن  جي لاءِ شفا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون ڪيون. ايم ڪيو ايم وفد ۾ رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينرَ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، انجنيئر ناصر جمال، رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور خالد يونس، احمد سليم صديقي، خالد سلطان، ڪيف الورٰي، حق پرست سينيٽر مولانا تنويرالحق ٿانوي، ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو والد فاروق احمد ۽ انهن جي والده ،ڪراچي تنظيمي ڪميٽي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي وڏي تعداد به انهن سان گڏ هئي.ان موقعي تي انهن قبرستانن جي صفائي، لائيٽنگ ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو ۽ قبرستانن جي ٻاهران ڪي ڪي ايف جي لڳايل پاڻي ۽ شربت جي سبيلن ۽ ڪيمپن جو دورو ڪيو ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن هٿن سان ماڻهن ۾ اگر بتيون ۽ گل ورهايا ۽ انهن کي شربت به پياريو.
****

4/28/2024 10:17:33 AM