Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪياماڙي جي ڪڇي برادري ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي جي وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن جي دعائن جي صدقي دنيا جي ڪائي به طاقت جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.رابطا ڪميٽي ميمبر نثار احمد پنهور.


 Posted on: 6/13/2014

ڪياماڙي جي ڪڇي برادري ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي جي وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن جي دعائن جي صدقي دنيا جي ڪائي به طاقت جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.رابطا ڪميٽي ميمبر نثار احمد پنهور.
ڪراچي؛ 13 جون 2014
ڪياماڙي سان تعلق رکندڙ ڪڇي برادري جي فلاحي اداري ڪڇي ڪميونٽي ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي جي وفد سابق ڪائونسلر و صدر ڪڇي ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي نور محمد جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر نثار احمد پنهور ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي انچارج فرخ اعظم سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي ۽ برطانيه ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي نثار احمد پنهور چيو ته ملڪ تي قابض جاگيردار طبقي جناب الطاف حسين جي خلاف پهرين ئي ڏينهن کان سازشون ڪري رهيو آهي ۽ انهي جي ڪري مختلف وقتن ۾ جناب الطاف حسين کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪندا رهيا آهن. انهن چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم مظلوم ماڻهن جون دعائون جناب الطاف حسين سان گڏ آهن ۽ دنيا جي ڪائي به طاقت انهن جي حق پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.ان موقعي تي فرخ  اعظم وفد جي آمد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ وسندڙ 98 سيڪڙو غريب ۽ مظلوم عوام کي بغير ڪنهن فرق جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري چڏيو آهي. اها ئي وجه آهي ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف باطل قوتون سازشون ڪنديون رهن ٿيون. ملاقات ۾ وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ڏکئي وقت ۾ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون .



4/27/2024 2:32:51 PM