Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي وفد جو اليڪشن 2014 ۾ ڪاميابي کان پوءِ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ عادل خان سان ملاقات


 Posted on: 6/13/2014
ڪراچي يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي وفد جو اليڪشن 2014 ۾ ڪاميابي کان پوءِ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ عادل خان سان ملاقات.
ڪراچي؛13 جون 2014
            ڪراچي يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن برائي اليڪشن 2014 ۾ ڪاميابي کان پوءِ گذريل ڏينهن انصاف پسند گروپ جي نمائنده وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ عادل خان سان ملاقات ڪئي . ملاقات جي موقعي تي رابطا ڪميٽي انصاف پسند گروپ جي صدر محمد فرحان خان، نائب صدر اعجاز بيگ ۽ جميل اي خان سميت ٻين چونڊيل عهديدارن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪراچي يونيورسٽي کان ان حق پرستي جي جدوجهد جو آغاز ڪيو هو ۽ اي پي ايم ايس او جي بنياد رکي هئي جيڪا پاڪستان جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ پکڙجي وئي آهي. رابطا ڪميٽي وفد جي ڪاميابي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته اها ڪاميابي حق پرستن جي ڪاميابي جو تسلسل ۽ مظلومن جي فتح آهي.رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم شهر ۾ وسندڙ تمام ماڻهن کي برابر جو شهري سمجهي ٿي. رابطا ڪميٽي اميد ظاهر ڪئي ته اهي ديانتداري سان ۽ بغير ڪنهن فرق جي ملڪ و قوم جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪندا ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وفد رابطا ڪميٽي جو شڪريو ادا ڪندي جناب الطاف حسين جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي .

 

4/28/2024 9:08:18 AM