Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پورو پاڪستان دهشت گردي جي گهيري ۾ آهي ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پوري قوم کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 6/13/2014
پورو پاڪستان دهشت گردي جي گهيري ۾ آهي ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پوري قوم کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پورو ملڪ وزيرستان بڻجي چڪو آهي ملڪ کي دهشت گردي جي ناسور کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو.طاهر اشرفي.
اوهان ڪنهن هڪ ڪميونٽي جا ليڊر نه بلڪه پوري قوم جا ليڊر آهيو. حافظ طاهر اشرفي .
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ طاهر اشرفي سان جناب الطاف حسين جي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 13 جون 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پورو پاڪستان هن وقت دهشت گردي جي گهيري ۾ آهي ۽ ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ ڪنهن هڪ جماعت جي وس جي ڳالھ نه آهي بلڪه پوري قوم کي ان جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.انهن اها ڳالھ پاڪستان علماء ڪائونسل جي سربراھ حافظ طاهر اشرفي سان ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردن پاڪستان جي خلاف جنگ ڇيڙي رکي آهي، ڪراچي ايئرپورٽ ۽ فوج جي حساس تنصيبات تي دهشت گردن جو حملو پوري قوم جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ آهي . انهن فرمايو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي انهن دهشت گردن کان نجات ڏياري وڃي . حافظ طاهر اشرفي جناب الطاف حسين جي ڳالھ سان اتفاق ڪيو ته اڄ پورو ملڪ وزيرستان بڻجي چڪو آهي ۽ ملڪ کي دهشت گردي جي ناسور کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. حافظ طاهر اشرفي جناب الطاف حسين کي انهن جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته اوهان واقعي ڪنهن هڪ ڪميونٽي جا ليڊر نه بلڪه پوري قوم جا ليڊر آهيو. اوهان تمام مسلڪن، فقهن ۽ مذهبن جي مڃڻ وارن جي وچ ۾ احترام ۽ اتحاد جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون آهن انهن جو پوري قوم احترام ڪري ٿي، حافظ طاهر اشرفي جناب الطاف حسين کي چيو ته مخالفَ 36 سالن کان اوهان جي خلاف طرح طرح جا پروفيگنڊا ڪيا ۽ اوهان تي تشدد ڪرڻ جا الزام به لڳايا پر اوهان جي گرفتاري جي موقعي تي اوهان جي اپيل تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جهڙي طرح پنهنجن جذبن تي قابو رکي ڪري امن کي خراب ٿيڻ نه ڏنو ،ان تمام منفي پروفيگنڊن کي غلط ثابت ڪري چڏيو آهي ۽ دنيا تي ثابت ڪري چڏيو ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند جماعت آهي. الله تعالٰي اوهان کي سرخرو ڪيو ۽ انشاء الله تعالٰي آئنده به سرخرو ڪندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته امن پسندي پهرين ئي ڏينهن کان منهنجي تعليم رهي آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن منهنجي تعليمات تي عمل ڪندي امن کي قائم رکيو. انهن فرمايو ته سچ جي جدوجهد ڪارانڌ نه آهي ، سچ دير سان پکڙبو آهيان ۽ سچ جي جدوجهد ۾ مشڪل ۽ ڏکين رستن تان گذرڻو پوي ٿو. جناب الطاف حسين فرقي وارانه هم آهنگي ۽ مذهن جي وچ ۾ رواداري جي لاءِ حافظ طاهر اشرفي ۽ انهن جي پاڪستان علماء ڪائونسل جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اسلام جي نالي تي فوج ۽ شهرين کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارن ماڻهن کان ملڪ کي محفوظ رکي. انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ آمد تي پاڪستان علماء ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل صاحبزاده زاهد محمود قاسمي به انهن سان گڏ هئا.
*

4/28/2024 10:07:46 AM