Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.


 Posted on: 6/13/2014
سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو ڪڍڻ جي عدالتي فيصلي تي جناب الطاف حسين انهن کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اوهان جي جماعت ايم ڪيو ايم مون کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي ان تي مان اوهان جو شڪر گذار آهيان.جنرل پرويز مشرف.
لنڊن؛13 جون 2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر جنرل پرويز مشرف کي فون ڪري ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان انهن جو نالو ڪڍڻ جي عدالتي فيصلي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عدالت جو اهو فيصلو حق جي فتح آهي ۽ اوهان جي وڪيلن جي ٽيم جنهن دلچسپي سان اوهان جو مقدمو وڙهيو آهي ان تي اها زبردست خراج تحسين جي مستحق آهي. انهن جنرل پرويز مشرف کي چيو ته اوهان جي والده جي علالت جي اطلاعن تي مون کي وڏي ڳڻتي آهي. منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي انهن کي صحت عطا فرمائي ۽ جلد کان جلد اوهان جي انهن سان ملاقات ٿئي.سابق صدر جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اصولن، حق ۽ سچ جي بنياد تي جهڙي طرح اوهان ۽ اوهان جي جماعت مون کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ آواز بلند ڪئي آهي ان تي مان اوهان جو شڪر گذار آهيان. جنرل پرويز مشرف جناب الطاف حسين کي چيو ته لنڊن ۾ اوهان جي حراست تي اوهان ۽ اوهان جي جماعت جهڙي طرح صبر و تحمل جو مظاهرو ڪري امن قائم رکيو ۽ سخت گرمي ۾ ڪراچي سميت ٻين درجنين هنڌن تي گڏ ٿي ڪري  يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ان جي جيتري قدر تعريف ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.
****

4/27/2024 2:34:46 PM