Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪيترن ئي سالن کان بجيٽ پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن. سردار احمد


   ڪيترن ئي سالن کان  بجيٽ پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن. سردار احمد
 Posted on: 6/12/2014

 
ڪيترن ئي سالن کان  بجيٽ پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن. سردار احمد.
صحت ۽ تعليم جا شعبا اهم آهن انهن ۾ ماڻهن کي تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
سردار احمد جي نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ حق پرست ميمبرن سان گڏجي پريس ڪانفرنس، انهن ايم ڪيو ايم جو شيڊو بجيٽ 2015 ،2014  به پيش ڪيو.
ڪراچي؛ 12 جون 2014
           سنڌ اسيمبلي ۾ متحده قومي موومينٽ جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد چيو آهي ته بجيٽ ڪيترن ئي سالن کان پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن، بيوروڪريسي هميشه اهڙا بجيٽ بڻايا آهن جن سان عوام جي بجاءِ انهن کي ذاتي فائدا پهچندا هجن. جڏهن ته ڪجھ ماڻهو ان ۾ ترميمون ڪري بجيٽ پيش ڪري چڏين ٿا، ايم ڪيو ايم جي ڪوشش اها آهي ته عوامي امنگن ۽ خواهشن تي مشتمل بجيٽ پيش ڪري ۽ ان جي متعلق پنهنجيون تجويزون ڏيئي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان سنڌ صوبي جي لاءِ بجيٽ برائي 2015 ،2014 پيش ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي اشفاق منگي، يوسف شاهواڻي، محمد حسين، محترمه نائله لطيف ۽ محترمه سميتاسيد به سميت ٻيا ميمبر به موجود هئا.سيد سردار احمد شيڊو بجيٽ پيش ڪندي چيو ته اسان کي سڀني کان پهرين آرڊر ۽ سيفٽي کي مينٽين ڪرڻو آهي ۽ غربت کي ختم ڪرڻو آهي ڇو ته هن وقت 50 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لائين کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، اسان کي اهڙو بجيٽ ٺاهڻو آهي جنهن سان انهن جو معيار زندگي بلند ٿي سگهي.انهن چيو ته پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ ۽ سرمائيڪارن کي موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، بيوروڪريٽ انهن کي ڪم ڪرڻ نه ٿا ڏين جنهن جي ڪري اهي تنگ ٿي ڪري هليا وڃن ٿا. انهن چيو ته ملڪ ۾ ننڍيون ننڍيون فيڪٽريون هنيون وڃن، زراعت اسان جو اهم شعبو آهي جنهن مان ڪپھ، کنڊ، ڪڻڪ۽ چانور ملن ٿا، ان جي باوجود هارين کي پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ميسر نه آهن ، انهن تجويز ڏني ته شهرن ۾ راشننگ کي متعارف ڪرايو وڃي جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪڻڪ، کنڊ۽ تيل تي سبسڊي ڏني وڃي. تمام ٽيڪس شهري علائقن جا ماڻهو ڏين ٿا، ان جي ڪري ضروري آهي ته شهري علائقن ۾ راشننگ متعارف ڪرائي وڃي. انهن چيو ته 65 سالن کان ذريعن جي تقسيم برابري واري نه آهي، جيڪي ٽيڪس وفاقي حڪومت جمع ڪري ٿي اهي آبادي جي بنياد تي ڏنا وڃن ٿا،صوبي سنڌ ۽ ايم ڪيو ايم ان تي وڏو ڪم ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسان جي آبادي گهٽ آهي، پر روينيو وڌيڪ آهي، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم چوي ٿي ته اين ايف سي جو فارمولو اختيار ڪيو وڃي ۽ ان جي مطابق صوبن ۽ ضلعن جي وچ ۾ تقسيم ڪئي وڃي ته جيئن مسئلا حل ٿين. انهن چيو ته جيڪڏهن صوبن کي هلائڻو آهي ته ان جي ماڻهن کي حق ڏنو وڃي ۽ حق اهڙي طرح ڏنو وڃي جيڪا شي وفاق ڏيئي ان کي هيٺين سطح تائين پهچايو وڃي. انهن صوبن جا ذريعا وڌائڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته صرف عمارتون ٺاهڻ ئي ڪافي نه آهي بلڪه ان جي لاءِ هڪ شيڊول بڻايو وڃي ٿو اوهان عمارتن ۾ پاڻي ، بجلي ۽ ٻيون سهولتون نه ڏيندو ته اهي بيڪار آهن، انهن چيو ته صحت ۽ تعليم جا شعبا اهم آهن ۽ صحت جي شعبي ۾ ماڻهن کي وڏي تڪليف آهي اسپتال وڃو ته اتي ليٽرين نه آهي انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي. انهن چيو ته هيلٿ انشورنس پهريون ڀيرو اسان متعارف ڪرائي هئي ان ۾ اسان تجويز ڏني هئي ته ان کي سنڌ جي سطح تي توسيع ڏين. پر ان کان پوءِ نئين حڪومت آئي ۽ هيلٿ انشورنس کي ختم ڪري چڏيو جنهن تي ماڻهو اڄ روئن ٿا. انهن مطالبو ڪيو ته هيلٿ انشورنس کي بحال ڪيو وڃي. انهن چيو ته تعليم تي سو بلين روپيا خرچ ٿي رهيا آهن پر ان ۾ تعليم ڇا حاصل ٿي رهي آهي ماڻهو پنهنجن ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا. انهن چيو ته توانائي جو بحران به اهم آهي جڏهن ته حڪومت پنهنجا پراپرٽي ٽيڪس وصول نه ٿي ڪري. پراپرٽي ٽيڪس سنڌ ۾ 1600 ملين جمع ٿئي ٿو ۽ ڪراچي ۾ 1500 ملين جمع ٿئي ٿو اسان جي تجويز آهي ته جتي به پراپرٽي آهي اتي ٽيڪس هنيا وڃن ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي لاءِ ڪراچي جي ماڻهن تي انحصار بند ڪيو وڃي. انهن چيو ته زميندار ناجائز لينڊ ريفارمز جي باوجود واٽر رينٽ نه ٿا ڏين، اهو ريٽ جيڪو 1999 ۾ ليوي ڪيو ويو هو،ان کان پوءِ ان کي مستقل وڌايو ويو جنهن سان زميندارن ۽ وڏيرن کي فائدو پهتو، پگهار وڌيڪ هجڻ جي ڪري اسان پراپرٽي ٽيڪس ڏيون ٿا جڏهن ته ايگري ڪلچر کان ڪوئي به انڪم ٽيڪس ورتو نه ٿو وڃي ۽ استثنٰي ڏنل آهي . ان حوالي سان ايم ڪيو ايم بل به پيش ڪيو ۽ چيو ته ايگري ڪلچر ٽيڪس سڄي ملڪ ۾ هنيو وڃي ، انهن چيو ته جڏهن سنڌ بينڪ ٺهيو ته ايم ڪيو ايم ان جي مخالفت ڪئي بينڪ هلائڻ حڪومت جو ڪم نه آهي جڏهن ته سنڌ بينڪ جو حساب ڪتاب اسيمبلي ۾ پيش ڪيو وڃي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ سيوريج جا وڏا منصوبا آهن فور ايس ٿري ان جي لاءِ پيسا نه ٿا ڏنا وڃن ۽ چيو وڃي ٿو ته تمام گهڻا پيسا آهن پر جڏهن ته ايريگيشن کي 24 هزار بلين ڏنا وڃن ٿا پر پوءِ به بند ٽٽندا رهن ٿا، انهن چيو ته جيڪي ترقياتي فنڊ ڏنا پياوڃن انهن مان 50 سيڪڙو فنڊ خرچ نه ٿا ٿين بلڪه رشوت ۾ هليا وڃن ٿا،انهن سوال ڪيو ته ڇا ڪراچي ۾ سنڌ، پنجاب ۽ فرنٽيئر جا ماڻهو نه ٿا رهن ڇا صرف ايم ڪيو ايم جا ماڻهو رهن ٿا، انهن چيو ته ايمانداري سان ڪم ڪيو وڃي ته الله تعالٰي وڏو پيسو ڏنو آهي پر جيڪڏهن بيڪار خرچ ٿيندا رهيا ته پوءِ الله ئي حافظ آهي. انهن چيو ته بجيٽ ٺاهڻ  کان اڳ ايم ڪيو ايم کان ڪوئي به مشورو نه ڪيو ويو،  اسان اصرار ڪريون ٿا ته مڪاني اليڪشن ڪرايا وڃن ان سلسلي ۾ هڪ ڀيرو بل به پيش ڪيو ويو پر ان کي بعد ۾ رڌ ڪيو ويو، انهن چيو ته بجيٽ سيشن ۾ ايم ڪيو ايم جا وزير ويندا، پر اسان جي تجويز آهي ته اين ايف سي فارمولو اختيار ڪن ان سان ئي مسئلا حل ٿي ويندا.

4/28/2024 9:18:24 AM