Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان عوامي تحريڪ جي وفد جي صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات.


پاڪستان عوامي تحريڪ جي وفد جي صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات.
 Posted on: 6/12/2014

پاڪستان عوامي تحريڪ جي وفد جي صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات.
ڪراچي؛ 12 جون 2014
          تحريڪ منهاج القرآن جي ناظم اعلٰي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ افتخار اڪبر رنڌاوا سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي رهائي تي عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري جي طرفان خوشي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.وفد رابطا ڪميٽي کي جناب الطاف حسين جي لاءِ گلدستو به پيش ڪيو ۽ چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ جي محروم ۽ مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ انهي ڏوھ ۾ باطل قوتن جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي هر دور ۾ نشانو بڻايو آهي. رابطا ڪميٽي وفد جي آمد تي ڊاڪٽر طاهر القادري جو شڪريو ادا ڪندي عوامي تحريڪ کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ ۽ عوامي تحريڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ جو يقين به ڏياريو.
*****

4/28/2024 9:29:39 AM