Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سال 2014 پاڪستان جي لاءِ سخت، ڏکيو ۽ مشڪل هجڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سال 2014 پاڪستان جي لاءِ سخت، ڏکيو ۽ مشڪل هجڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 6/12/2014
    سال 2014 پاڪستان جي لاءِ سخت، ڏکيو ۽ مشڪل هجڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
حڪمرانن ۽ تمام طاقتور ڌرين کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي ماضي جي غلطين کي ورجائڻ جي بجاءِ ملڪ جي بقا و سلامتي ۽ فلاح جي لاءِ جيڪي به فيصلا ڪرڻا هجن ته ڪري وٺو ۽ جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي ته انهن تي عمل درآمد به ڪيو وڃي.
هاڻي ان ڳالھ جو انحصار حڪمرانن ۽ طاقتور ڌرين تي آهي ته اهي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿيون يا ڀلائي ۽ مظبوطي ڏانهن.
لنڊن؛ 30 ڊسمبر 2014
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سال 2014 پاڪستان جي لاءِ سخت، ڏکيو ۽ مشڪل هجڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جي ڪري مان ملڪ جي حڪمرانن ۽ تمام طاقتور ڌين کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي ماضي جي غلطين کي ورجائڻ جي بجاءِ ملڪ جي بقا و سلامتي ۽ ڀلائي جي لاءِ جيڪي به فيصلا ڪرڻا هجن ته ڪري وٺو ۽ جيترو به جلدي ممڪن ٿي سگهي ان تي عملدرآمد به ڪيو وڃي. فيصلن ۽ انهن تي عمل درآمد ۾ دير ڪرڻ ملڪ جي لاءِ تمام وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ملڪ جو نظام هلائڻ وارين تمام ظاهري ۽ پردي پويان لڪيل قوتن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان نئين سال 2014 جي آمد تي خلوصِ دل سان دعاگو آهيان ته اهو نئون سال وطن عزيز جي لاءِمبارڪ ۽ سٺو ثابت ٿئي. انهن فرمايو ته مان وطن عزيز جي لاءِ هر وقت دعاگو آهيان پر ملڪي ۽بين الاقوامي قوتن جي فوري ۽ پري وارين پاليسين ۽ ڪوششن جو ٿڌي دل سان جائزو وٺڻ کان پوءِ مان قوم ، ملڪ جي اڪابرن، حڪمرانن ۽ پردي پويان ڪم ڪرڻ وارين طاقتن کي پنهنجي ان تجزيي کان آگاھ ڪرڻ پنهنجو قومي فرض سمجهان ٿو ته سال 2014 پاڪستان جي لاءِ انتهائي ڏکيو ۽ سخت ثابت ٿيڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو، انهن فرمايو ته ملڪ جو نظام هلائڻ وارين تمام ظاهري ۽ پردي پويان لڪيل قوتن کي منهنجي دردمندانه اپيل آهي ته انهن کي ماضي جي غلطين کي ورجائڻ جي بجاءِ ملڪ جي ڀلائي ۽ بقا و سلامتي جي لاءِ جيڪي به فيصلا ڪرڻا هجن اهي ڪريو ۽ انهن تي جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي عملدرآمد به ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته ملڪ جي بقا و سلامتي جي لاءِ فيصلن جو فوري ڪرڻ ملڪ جي لاءِ ناگزير آهي. ڇو ته ملڪ هاڻي انهن فيصلن تي عملدرآمد ۾ دير ڪرڻ جو متحمل ٿي نه ٿو سگهي.انهن فرمايو ته مان حالتن جو تجزيو ڪرڻ کان پوءِ جيڪو نتيجو ڪڍيو ان کي پوري نيڪ نيتي سان سالِ نو جي شروعات کان پهرين ئي ملڪ جي عوام، حڪمرانن ۽ طاقتور ڌرين جي سامهون پيش ڪري چڏيو آهي. هاڻي ان جو انحصار حڪمرانن ۽ طاقتور ڌرين تي آهي ته ان تي عملدرآمد ڪن ٿا يا نه ٿا ڪن ۽ اهي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃڻ چاهين ٿيون يا بهتري ۽ ڀلائي ڏانهن.

4/27/2024 12:32:05 PM