ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛23 مئي 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي دردناڪ شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي .پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين معين الدين شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن . جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي معين الدين شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي .آمين.
****