سابق حق پرست صوبائي وزير وسيم اختر جي وڏي ڀيڻ نجمه الطاف جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 23 مئي 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وسيم اختر جي وڏي ڀيڻ محترمه نجمه الطاف مرحومه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين وسيم اختر سميت مرحومه جي تمام سوگوار پوئنرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.