Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گردي جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت حفاظتي انتظامن جي لاءِ علائقن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن.جناب الطاف حسين.


دهشت گردي جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت حفاظتي انتظامن جي لاءِ علائقن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن.جناب الطاف حسين.
 Posted on: 5/21/2014
دهشت گردي جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت حفاظتي انتظامن جي لاءِ علائقن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن.جناب الطاف حسين.
دهشت گرد ملڪ خصوصن سنڌ جي شهري علائقن ۾ دهشت گردي جي ذريعي خوف جي فضا قائم ڪرڻ چاهين ٿا.
عوام پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ بزرگن ۽ نوجوانن تي ٻڌل محله ڪميٽيون بڻائين.
محله ڪميٽيون پاڻ وٽ پوليس ۽ رينجر سميت ٻين سيڪيورٽي ادارن جا ايمرجنسي فون نمبر لازمي رکن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛21 مئي 2014 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي دهشت گردي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجن علائقن ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ چورن ڌاڙيلن ،خودڪش حملو ڪندڙن ، تخريب ڪارن ۽ دهشت گردي جي ڪنهن به قسم جي ڪاروائي کان بچڻ جي لاءِ فوري طور تي ويجلينس ڪميٽيون تشڪيل ڏين،پنهنجي هڪ بيان ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۽ امن دشمن دهشت گردَ ملڪ خصوصن سنڌ جي شهري علائقن ۾ دهشت گردي جي ذريعي خوف جي فضا قائم ڪرڻ جي مذموم مقصدن جي تحت ، بم ڌماڪا ، قتل و غارتگري ۽ دهشت گردي جون ٻيون سنگين وارداتون ڪري رهيا آهن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين کي رت ۾ وينجھاري رهيا آهن . انهن فرمايو ته دهشت گردي جي ان چيلنج کان نڀرڻ جي لاءِ عوام به پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان ڀرپور تعاون ڪن.جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ بزرگن ۽ نوجوانن تي مشتمل محله ڪميٽيون بڻائين، ڏينهن رات ڊيوٽي جا فرضَ انجام ڏين ۽ ڪنهن به مشڪوڪ شي يا علائقي ۾ اچڻ وڃڻ وارن ماڻهن تي ڪڙي نظر رکن ۽ ان جي اطلاح فوري طور تي مقامي پوليس يا ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ڏين.انهن فرمايو ته محله ڪميٽيون پاڻ وٽ پوليس ۽ رينجرسميت ٻين سيڪيورٽي ادارن جا ايمرجنسي فون نمبر به لازمي رکن ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي ، مشڪوڪ بيگ يا مشڪوڪ ماڻهن جي موجودگي جي باري ۾ فوري طور تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي آگاه ڪري سگهجي.
*****



5/3/2024 3:28:11 PM