Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوئي به قانون ٽوڙيندڙ ماڻهو ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.جناب الطاف حسين


ڪوئي به قانون ٽوڙيندڙ ماڻهو ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/21/2014
ڪوئي به قانون ٽوڙيندڙ ماڻهو ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.جناب الطاف حسين.
قانون ٽوڙيندڙن سان ڪائي به رعايت نه ڪئي وڃي ۽ انهن جي خلاف تنظيمي نظم و ضبط جي مطابق سخت انضباطي ڪاروائي ڪئي وڃي.
جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ ،ڀيڻ يا ٻيو ڪوئي مٽ مائٽ قانون ٽوڙي ته ان سان به ڪا ئي رعايت نه ڪئي وڃي ، بلڪه ان سان به قانون جي مطابق نڀريو وڃي ، مان ڪنهنجي به سفارش نه ڪندس.جناب الطاف حسين.
قومي ادارن جو احترام ڪريو، سوشل ميڊيا ۾ پنهنجن پيغامن ۾ ڪنهن جي خلاف به ناشائسته زبان يا لفظَ استعمال ڪرڻ کان گريز ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سوشل ميڊيا ونگ کي هدايت.
لنڊن؛ 21 مئي 2014 
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين واضع لفظن ۾ فرمايو آهي ته ڪوئي به قانون ٽوريندڙ ماڻهو ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اها اطلاع ملي ته ڪجھ عناصر ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ شامل ٿي ڪري قانون هٿن ۾ وٺي رهيا آهن ته اهڙن ماڻهن سان ڪائي به رعايت نه ڪئي ويندي ۽ انهن جي خلاف تنظيمي نظم و ضبط جي مطابق سخت انضباطي ڪاروائي 
2ڪئي ويندي.انهن اها ڳالھ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي شعبن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن و پاڪستان، ڪراچي تنظيمي ڪميٽي، پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ ٻين شعبن جي ميمبرن به شرڪت ڪئي .جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته ايم ڪيو ايم حقن کان محروم مهاجرن ۽ ٻين مظلومن جي حقن جي حصول جي لاءِ وجود ۾ آئي ۽ ان پنهنجي قيام جي پهرين ئي ڏينهن کان وٺي تحريڪ جي مشن و مقصد جي لاءِ پرامن جدوجهد جي تبليغ ڪئي. ايم ڪيو ايم پنهنجين صفن ۾ ڪڏهن به ڏوهاري ماڻهن کي برداشت نه ڪيو آهي ، ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ شامل جن ماڻهن به قانون ٽوڙيو يا جن جي باري ۾ به ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي شڪايت موصول ٿي ۽ تحقيقات کان پوءِ شڪايت درست ثابت ٿي ته انهن کي فوري طور تي تحريڪ کان خارج ڪيو ويندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه نظرئي جي خاطر هزارين شهيدن پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪيو آهي. شهيدن جو رت اسان تي هڪ قرض آهي ۽ شهيدن جي ان رت کي ڪن قانون شڪن ماڻهن جي خاطر ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي کي سخت هدايت فرمائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ شامل ڪوئي به ماڻهو جيڪڏهن قانون ٽوڙي يا قانون کي هٿن ۾ کڻي ته ان جي ڪنهن به قيمت تي ڪائي حمايت يا سفارش نه ڪئي وڃي.جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن منهنجو ڪوئي ڀاءُ ،ڀيڻ يا ٻيو ڪوئي به مٽ مائٽ قانون ٽوڙي ته ان سان به ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، بلڪه ان سان به قانون جي مطابق سختي سان نڀريو وڃي.مان ڪنهن جي به سفارش نه ڪندس، انهن رابطا ڪميٽي ۽ ڪراچي تنظيمي ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اهي تنظيم جي صفن ۾ هر سطح تي ڊسيپلين جي پابندي کي يقيني بڻائين.انهن ايم ڪيو ايم جي سوشل ميڊيا ونگ کي به تاڪيد فرمائي ته اهي قومي ادارن جو احترام ڪن، سوشل ميڊيا ۾ پنهنجن پيغامن ۾ شائستگي ۽ ادب جو دامن هر قيمت تي جهلي رکن ۽ ڪنهن جي به خلاف ناشائسته زبان يا لفظَ استعمال ڪرڻ کان گريز ڪيو وڃي.



5/3/2024 4:26:42 PM