Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي


 Posted on: 8/10/2016
رينجر ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي
ڪراچي:10 آگسٽ 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقن شاھ فيصل ٽائون، گلستان جوهر، اورنگي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن، انهن جي گرفتارين ۽ ڇاپن جي دوران امڙين ۽ ڀينرن سان بدتميزي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته 24 ڪلاڪن جي اندر شاھ فيصل ٽائون يوسي 7 کان ڪارڪن ظفر عباس، يوسي 10 کان ڪارڪن وسيم زيدي، يوسي 11 جي ڪارڪن تيمور، گلستان جوهر وارڊ 6 جي جوائنٽ آرگنائيزر شهادت الله ۽ اورنگي ٽائون يوسي 28 جي ڪارڪن عيسٰي کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار ڇاپن جي دوران امڙين ۽ ڀينرن سان بدتميزي به ڪن ٿا جيڪا انتهائي شرم جي ڳالھھ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته گهربل شخص جي نه ملڻ تي انهن جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي حراست ۾ ورتو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو  ته ڪوئيٽا ۾ 72 ماڻهن کي شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪندڙ دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف آپريشن ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ آپريشن جي نالي تي آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سلسلي کي فوري طور تي بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائين.

4/20/2024 12:40:00 AM