Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن وحيد شيخ شهيد کي شاھ فيصل ڪالوني جي عظيم پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت


ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن وحيد شيخ شهيد کي شاھ  فيصل ڪالوني جي عظيم پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت
 Posted on: 8/8/2016 1
ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن وحيد شيخ شهيد کي شاھ  فيصل ڪالوني جي عظيم پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت
ڪراچي: 8 آگسٽ 2016 
                    متحده قومي موومينٽ شاھ فيصل ٽائون جي اسير ڪارڪن وحيد شيخ شهيد کي شاھ فيصل ڪالوني جي عظيم پوره قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد جي جنازي نماز الله والي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن عارف خان، اشرف نور، رڪن الدين، اسيمبلي ميمبرن شيراز وحيد ۽ نشاط ضياء قادري، سي اي سي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان چيو ته وحيد شيخ کي جيل ۾ ڪنهن به قسم جي علاج جي سهولت فراهم نه ڪئي وئي ۽ جيل انتظاميه تعصب ۽ غفلت جو وڏو مظاهرو ڪيو جنهن  جي ڪري اهي شهيد ٿي ويا. انهن چيو ته وحيد شيخ شهيد جو قتل ماورائي عدالت قتل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.انهن چيو ته وحيد شيخ شهيد سميت ايم ڪيو ايم جا هن مهل تائين 62 ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن. پر ڪنهن به هڪ ڪارڪن جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته وحيد شيخ جي قتل جو ڪيس جيل انتظاميه جي خلاف درج ڪيو وڃي ۽ شهيد جي پونئرن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. انهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به اپيل ڪئي ته اهي به وحيد شيخ جي ماورائي عدالت قتل تي فوري طور تي سوموٽو ايڪشن وٺن.
*****

4/18/2024 4:08:15 PM