Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وقاص شاھ جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ انصاف جو کليل قتل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


وقاص شاھ جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ انصاف جو کليل قتل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 8/8/2016 1
وقاص شاھ جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ انصاف جو کليل قتل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 8 آگسٽ 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص شاھ جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪارڪن آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ کي انصاف جو کليل قتل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته وقاص شاھ جي قتل ۾ آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ آئين ۽ قانون جي خلاف ۽ ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته 11 مارچ 2014 تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر غير قانوني ڇاپي جي دوران شعبه اطلاعات جي نوجوان ميمبر سيد وقاص علي شاھ کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو هو ۽ ان واقعي جي وڊيو ڪلپ به موجود آهي. پر قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن وقاص علي شاھ جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ئي بي گناھ ڪارڪن آصف علي کي گرفتار ڪيو هو ۽ اڄ انهن کي دهشت گردي ٽوڙ عدالت هڪ نه ڪيل ڏوھ ۾ موت جي سزا ٻڌائي آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته رينجر جي حراست جي دوران ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڪارڪن آفتاب احمد شهيد کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو 
2
ويو، پر تمام تر ثبوتن جي باوجود ان قتل ۾ ملوث رينجر جي اهلڪارن کي اڄ تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جا 62 ڪارڪن به ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن. پر انهن مان به ڪنهن هڪ به ڪارڪن جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آصف علي کي موت جي سزا ٻڌائڻ ظلم جي انتها ۽ انصاف جو کليل قتل آهي ۽ ائين ڪري واضع ڪيو ويو آهي ته عدالتن مان به مهاجرن کي ڪنهن به قسم جي انصاف ملڻ جي اميد نه آهي .رابطا ڪميٽي انساني حقن جي ملڪي ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي به انهن ظالمانه ۽ ناانصافي وارن فيصلن جو نوٽس وٺن ۽ انهن جي خلاف آواز بلند ڪن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم  جي ئي ڪارڪن کي ملوث ڪرڻ ۽ انهن کي موت جي سزا ٻڌائڻ جي فيصلي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ وقاص علي شاھ جي قتل ۾ ملوث رينجر اهلڪارن کي گرفتار ڪرائي انهن کي سخت ترين سزا ڏيارين. 
*

4/23/2024 10:36:02 AM