Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جي باوجود اسان جي ڦٽن تي ڪوئي به مرهم رکڻ نه آيو آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان


ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جي باوجود اسان جي ڦٽن تي ڪوئي به مرهم رکڻ نه آيو آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان
 Posted on: 8/5/2016 1
ٻن ڏينهن جي علامتي بک هڙتال جي باوجود اسان جي ڦٽن تي ڪوئي به مرهم رکڻ نه آيو آهي. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان
شايد انهن اهو سمجهي ورتو آهي ته اردو ڳالهائڻ وارا پاڪستاني نه آهن ، اهي مرن ٿا ته ڀلي ۽ غائب ٿين ٿا ته ڀلي ٿين پر انهن جي لاءِ ڪائي به آواز نه اٿاري ويندي. عامر خان
ڪراچي پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي خطاب
ڪراچي: 5 آگسٽ 2016 
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي اسان پنهنجن لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ ويٺا آهيون ۽ اسان چاهيون پيا ته اسان جي ڦٽن تي ڪوئي مرهم رکڻ ايندو پر افسوس جو هن بک هڙتال جي ڪري به ڪنهن تي ڪوئي اثر نه پيو. انهن چيو ته شايد اختياري ڌرين اهو سمجهي ورتو آهي ته اردو ڳالهائڻ وارا پاڪستاني ئي نه آهن، اهي مرن ٿا ته مرن، لاپتا ٿين ٿا ته ٿين انهن جي لاءِ ڪجھھ به نه ڪيو ويندو. انهن چيو ته ٽي سال اڳ جڏهن آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو هو ته جناب الطاف حسين ان جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ لنڊن فون ڪري جناب الطاف حسين سان ڳالھھ ڪئي ته جيستائين ايم ڪيو ايم آن بورڊ نه ٿيندي ته ان وقت تائين اهو آپريشن نه ڪيو ويندو ۽ انهن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهو آپريشن جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف ڪيو ويندو. ان خاطري کان پوءِ جناب الطاف حسين ان آپريشن جي حمايت ڪئي. ان کان پوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي آيا ۽ انهن ميٽنگ ڪري چيو ته اهو آپريشن رينجر جي نگراني ۾ ڪيو ويندو ۽ ان جا ڪپتان وزير اعلٰي سنڌ هوندا. ان سان گڏو گڏ انهن ٻه ڪميٽيون ٺاهڻ جو  به واعدو ڪيو. هڪ ڪميٽي وڪيلن جي سطح تي قانوني ڪميٽي هوندي ۽ ٻئي ڪميٽي شهر جي معززن تي ٻڌل هوندي. جيڪا آپريشن جي غير جانبداري کي يقيني بڻائيندي پر  افسوس جو آپريشن جو مقصد ڪجھھ ٻيو هو ۽ اڄ تائين اهي ڪميٽيون نه جوڙيون ويون آهن ۽ اهو به چيو ويو ته اهو آپريشن سڄي ملڪ ۾ ڪيو ويندو. پر اهو آپريشن صرف ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم تائين محدود ڪيو ويو. انهن چيو ته هاڻي جڏهن وري ٻيهر به صرف ڪراچي جي لاءِ ئي رينجر کي اختيار ڏنا ويا آهن، ڄڻ تي سمورا ڏوھ ڪراچي ۾ ٿين ٿا ۽ باقي سنڌ ڏوهن کان پاڪ آهي. انهن چيو ته ڏٺو وڃي ته ڏوهن جي وڌيڪ شرح اندرون سنڌ ۽ پنجاب ۾ آهي جتي روز ٻار اغوا ٿي رهيا آهن ۽ هن مهل تائين اتي سوين ٻار اغوا ٿي چڪا آهن ۽ کلي عام هٿيارن جي به نمائش ڪئي وڃي ٿي. انهن چيو ته مهاجرن جي اندر اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته مهاجرن جو ڪوئي به نه آهي ۽ تعصب جي بنياد تي ئي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ٿو،  ڇو جو اها مهاجرن جي جماعت آهي. انهن چيو ته ٿنڪ ٽينڪ غور ڪري ته اوهان جي ايڪشن جا ڇا اثر ٿي رهيا آهن . بنگله ديش ۾ به اوهان اهو ئي ڪيو هو ته بنگالي ننڍي قد جا آهن ۽ اهي ڪارا آهن. پر اوهان بنگالين جي آواز کي نه ٻڌو ۽ انهن کي اوهان زوري تعصب جي ڪري ڌڪي ڇڏيو.انهن چيو ته اڄ بنگله ديش معاشي اعتبار سان پاڪستان کان ڪيترائي درجا اڳتي وڌي چڪو آهي. ڪجھھ سالاڳ تائين پاڪستان جي ڪاٽن ۽ گارمينٽ دنيا جي هر ملڪ ۾ ويندي هئي پر هاڻي اتي بنگله ديش جي ڪاٽن ۽ گارمينٽس وڃي ٿي. انهن چيو ته اها ڪهڙي پاليسي بڻائي وڃي ٿي. افغانستان جي پاليسي سان سڄو ملڪ  هٿيارن ۽ منشيات جو  ڳڙھ بڻجي چڪو آهي ۽ جن کي اوهان تربيت ڏني هئي اڄ اهي ئي پاڪستان جا دشمن بڻيل آهن. انهن چيو ته اوهان ايڊوانچر ازم تي ڪم ڪيو. اوهان جي مرضي ٿي ته اوهان ڪارگل تي چڙهائي ڪئي ۽ جڏهن اوهان جي هٿن مان شيون نڪري وڃن ٿيون ته پوءِ سياستدانن کي چئو ٿا ته اچي ڪري ملڪ کي سنڀاليو. انهن چيو ته اڃان به وقت نه گذريو آهي خداجي واسطي هاڻي به وقت آهي ته معاملن کي سنڀالي وٺو. انهن چيو ته فوج جي وڏي طبقي ۾ اها ڳالھھ چئي پئي وڃي ته اردو ڳالهائڻ وارن سان زيادتي ٿي رهي آهي. پر صرف چند عناصر اهڙا آهن جن ان معاملي کي ضد ۽ انا جو مسئلو بڻائي ورتو آهي ۽ طاقت جي ذريعي اهي مهاجرن کي ڪڇلڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته 12 مئي جو واويلو هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا تي ايم ڪيو ايم جي ڪردار تي گند اڇلايو پيو وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته 12 مئي ۾ ايم ڪيو ايم ملوث هئي ۽ ان جا ذميوار اڪيلا وسيم اختر هئا.انهن چيو ته 12 مئي جي واقعي تي هائي ڪورٽ جو فيصلو به اچي چڪو آهي پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪردار کي خراب ڪيو پيو وڃي.  انهن چيو ته جيڪڏهن  12 مئي جي واقعي جي تحقيقات ڪرڻي آهي ته پوءِ ان وقت جي گورنر، آئي ايس آئي، ايم آئي ۽ آئي بي اي جي ذميوارن کي به ان دائري ۾ آندو وڃي ۽ پوءِ تحقيقات ڪئي وڃي. انهن چيو ته ڇا اوهان کي صرف 12 مئي جو ئي واقعو نظر اچي ٿو ڇا اوهان کي سانحه قصبه علي ڳڙھ نظر نه ٿو اچي. جتي سوين مهاجرن کي قتل ڪيو ويو هو ۽ ايس ايڇ او جي درخواست جي باوجود اتي فوج نه موڪلي وئي  ۽ ڪرفيو نه لڳايو ويو. ان جي تحقيقات ڇو نه ٿي  ڪئي وڃي ڇا ان جي ڪري جو اهي مهاجر هئا. ان کان پوءِ سانحه پڪا قلعه حيدرآباد ۾ عورتون پنهنجن مٿن تي قرآن پاڪ کڻي ڪري نڪتيون پر انهن تي به گوليون وسايون ويون. ان سازش کي به بي نقاب ٿيڻ گهرجي. ڇا اهي پاڪستاني نه هئا. ان کان پوءِ سانحه 30 سييپٽمبر ۾ اڌ ڪلاڪ تائين حيدرآباد ۾ لاشن جا ڍير لڳايا ويا ۽ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو، ڇا اهي مهاجر پاڪستاني نه هئا. 27 ڊسمبر تي بي نظير جي قتل کان پوءِ ڪراچي ۾ قتل و غارتگري ۽ لٽ مار جو بازار گرم ڪيو ويو. هزارين گاڏين کي باهيون ڏيئي ڪري ساڙيو ويو، ڇوڪرين کي اغوا ڪري انهن جون عزتون لٽيون ويون. پر ان تي ڪوئي به آواز نه ٿو اٿاري. خدا جي واسطي اينڪر پرسن حضرات جيڪڏهن 12 مئي جي واقعي جي تحقيقات جي ڳالھھ ڪن ٿا ته انهن واقعن جي به تحقيقات جي ڳالھھ ڪن. انهن چيو ته اوهان سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پٽ، سلمان تاثير جي پٽ ۽ يوسف رضا گيلاني جي پٽ کي ته بازياب ڪرائي ورتو  پر اسان جا جيڪي 130 ڪارڪن لاپتا آهن انهن کي اڃان تائين بازياب ڇو نه ڪرايو ويو آهي ڇا اهي پاڪستاني نه آهن. پر هاڻي پي ايس پي جي هيڊ ڪوارٽر کان انهن کي بازياب ڪرايو پيو وڃي. انهن چيو ته جيستائين اهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن هئا ته ان وقت تائين اهي قاتل هئا ۽ هاڻي جڏهن اهي پي ايس پي ۾ هليا ويا آهن ته اهي پاڪ ۽ صاف ٿي ويا آهن. انهن چيو ته اسان جي خلاف 80 جي ڏهاڪي کان سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ اڄ تائين ٿي رهيون آهن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين تي الزام لڳايو ويو  هو ته اهي مهاجرستان بڻائڻ چاهين پيا پر الزام لڳائڻ وارن ئي ٽي وين تي اچي ڪري ان جي ترديد ڪئي. 1992 ۾ نصير الله بابر جيڪي ظلم جون مثالون قائم ڪيون، اهڙيون مثالون نه ملنديون. اهي لاشن تي پير رکي ڪري چوندا هئا ته اسان انهن کي اهڙي طرح ئي مارينداسين. انهن چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته الطاف حسين انڊيا جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڪهڙي طرح ڇا جڏهن نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ايڪشن ڪيو ويو ته الطاف حسين ڪروڙين عوام سان گڏ فوج کي سلوٽ پيش نه ڪيوهو. ڇا اهو به جناب الطاف حسين را جي چوڻ تي ڪيو هو. انهن چيو ته حڪيم سعيد جو قتل به ايم ڪيو ايم تي ٿوپيو ويو هو، ان قتل جي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي سزائون ڏنيون ويون پر وقت ثابت ڪيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن بي ڏوهي هئا ۽ انهن کي سپريم ڪورٽ آزاد ڪيو. انهن چيو ته امجد صابري شهيد ايم ڪيو ايم ۽ جناب الطاف حسين جا وفادار هئا ۽ هاڻي اهڙي سازش ڪئي پئي وڃي جو انهن جي قتل جو ڪيس به ايم ڪيو ايم جي مٿان ٿوپڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. پر هاڻي اها سازش به کلي چڪي آهي. انهن چيو ته ان قتل ۾ جهادي عناصر ملوث آهن. انهن چيو ته پنجاب ، سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن کي اسان جي گذارش آهي اوهان اسان جا وڏا ڀائر آهيو، اوهان سوچو ته هتي اردو ڳالهائڻ وارن سان اهو سڀ ڪجھھ ڇو ٿي رهيو آهي. مهاجر به پاڪستان جا وفادار آهن ۽ ايترائي وفادار آهن جيترا جو اوهان آهيو. انهن چيو ته جيستائين  پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا عوام ان معاملي تي بيهي ڪري آواز بلند نه ڪندا ته طاقت جا اهي حواري پنهنجي مرضي اسان تي اهڙي طرح ئي مسلط ڪندا رهندا. ان جي ڪري اسان کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ آواز بلند ڪرڻي پوندي . انهن چيو ته رک جي اندر چڻگ ٻري رهي آهي ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها چڻگ باھ جو ڀڀڙ نه بڻجي وڃي ۽ پوءِ سڀ ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي ميمبر محفوظ يار خان خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪراچي کي حق نه ڏنا ويا، ڪوٽا سسٽم جو خاتمو نه ڪيو ويو ۽ تعليمي ادارن ۾ مهاجر نوجوانن جي لاءِ تعليم جا دروازا  نه کوليا ويا ته پوءِ ڪراچي ئي نه بلڪه حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاھ ۾ به الڳ صوبي جا نعرا گوجندا.ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالوسيم ۽ محترمه ڊاڪٽر فوزيه به خطاب ڪيو.

4/24/2024 8:31:11 PM