Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن آصف جي گهر واري نورين کي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ڌمڪين ڏيڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل


 Posted on: 7/31/2016
ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن آصف جي گهر واري نورين کي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ڌمڪين ڏيڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل
ڪراچي: 31 جولائي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪن آصف جي گهر واري کي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ڏنل ڌمڪين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪرائين. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته 11 مارچ 2015 تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي رينجر جي ڇاپي جي دوران رينجر جي اهلڪارن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جو نوجوان ڪارڪن وقاص شاھ شهيد ٿي ويو هو پر رينجر انهن جي قتل جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم جي ئي هڪ ڪارڪن آصف کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ان ڪوڙي ڪيس ۾ انهن کي سزا ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آصف جي گهر واري نورين جيڪي عدالت ۾ پنهنجي مڙس جي بي گناهي جو ڪيس وڙهي رهيون آهن. پر انهن کي انصاف ڏيڻ جي بجاءِ ابتڙ سرڪاري اهلڪارن جي طرفان انهن کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي هن 
ڪيس کان الڳ ٿي وڃن.رابطا ڪميٽي چيو ته اهي سڀ تفصيل َ ۽ پنهنجا خدشا انهن ڪالھھ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ به بيان ڪيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها صورتحال انتهائي ڳڻتي واري ۽ مذمت جوڳي آهي ۽ انهن ڌمڪين مان صاف ظاهر آهي ته آصف کي هن ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي ۽ هاڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن وقاص شاھ جي قتل ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن کي بچايو وڃي. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي اپيل ڪئي ته اهي آصف جي گهر واري نورين کي سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ڏنل ڌمڪين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ انهن کي تحفظ به فراهم ڪرائين. 

4/17/2024 11:36:50 PM