Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت جي طرفان رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ وڏي ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


سنڌ حڪومت جي طرفان رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ وڏي ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 8/2/2016 1
سنڌ حڪومت جي طرفان رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ وڏي ڪراچي دشمني آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 2 آگسٽ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت سنڌ حڪومت  جي طرفان رينجر کي صرف ڪراچي جي لاءِ آپريشن جو اختيار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان فيصلي کي وڏي ڪراچي دشمني قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت  واقعي امن جو قيام ۽ دهشت گردي جو خاتمو چاهي ٿي ۽ ان مقصد جي لاءِ رينجر ئي کان ڪاروائي ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ رينجر تي حملن، بم ڌماڪن، دهشت گردي، اغوا برائي تاوان ۽ ڏوهن جون وارڌاتون ڇا اندرون سنڌ ۾ نه ٿي رهيون آهن؟ ته پوءِ رينجر کي ڪاروائي جو اختيار سڄي سنڌ جي لاءِ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ رينجر کي ڪاروائي جو اختيار صرف ڪراچي جي لاءِ ڇو ڏنو ويو آهي؟ ڇا سنڌ حڪومت جو اهو فيصلو وڏي ڪراچي دشمني نه آهي؟ نديم نصرت چيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو ان جي روايتي ڪراچي دشمن پاليسين جو واضع ثبوت آهي ۽ اڄ به اها پنهنجين پاليسين تي گامزن آهي ته ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي رياستي آپريشن جاري رکيو وڃي ۽ ڪراچي وارن کي ئي ڪڇليو وڃي . انهن چيو ته پنهنجي ان فيصلي جي ذريعي سنڌ حڪومت نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏيئي رهي آهي ته ڪراچي سنڌ جو حصو نه آهي.نديم نصرت چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت رينجر کان ڪم وٺڻ چاهي ٿي ته پوءِ اها سڄي سنڌ ۾ ان کان ڪم وٺي نه ته صرف ڪراچي ۾ آپريشن کي ڪراچي وارا ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
*****

4/19/2024 10:33:46 PM