Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ ڪراچي وارن سان تعصب ۽ وڏو ظلم آهي.ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ ڪراچي وارن سان تعصب ۽ وڏو ظلم آهي.ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 8/3/2016 1
رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جو اختيار ڏيڻ ڪراچي وارن سان تعصب ۽ وڏو ظلم آهي.ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
لنڊن: 3 آگسٽ 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جي لاءِ اختيار ڏيڻ ڪراچي وارن سان تعصب ۽ وڏو ظلم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو  ته سڄو ملڪ ڄاڻي ٿو ته اندرون سنڌ جي گهڻڻ ئي علائقن ۾ پاٿاريدارن، ڌاڙيلن ۽ چورن جو راڄ آهي. جنهن جي ڪري اتي شام کان پوءِ نڪرڻ ناممڪن آهي. ان جي ڪري رينجر جي وڌيڪ گهرج ته اندرون سنڌ ۾ آهي . پر ان جي ابتڙ رينجر کي صرف ڪراچي ۾ آپريشن جي لاءِ اختيار ڏيڻ ڪراچي جي شهرين سان تعصب ۽ وڏو ظلم آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته ڪراچي جي لاءِ اهڙي يڪطرفه فيصلي سان سنڌ حڪومت پاڻ ئي ان ڳالھھ کي تسليم ڪري ڇڏيو آهي ته ان ڪراچي کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته اڄ ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جو هر ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته ڀلي سنڌ حڪومت هجي يا وفاقي حڪومت ٻئي انهن سان تعصب ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي ڀت سان لڳائي رهيون آهن. انهن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن سان نفرت ۽ تعصب جو اهو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.

4/20/2024 12:39:40 AM