Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون ۽ اسان امن چاهيون ٿا ۽ ڪائي به رتو ڇاڻ نه ٿا چاهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون ۽ اسان امن چاهيون ٿا ۽ ڪائي به رتو ڇاڻ نه ٿا چاهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 8/1/2016 1
اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون ۽ اسان امن چاهيون ٿا ۽ ڪائي به رتو ڇاڻ نه ٿا چاهيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اسان ڪنهن کي مارڻ نه ٿا چاهيون ۽ ڪوئي اسان جي ماڻهن کي  ماري اهو به نه ٿا چاهيون
مون کي افسوس آهي ته جنرل راحيل شريف به مهاجرن کي انصاف ڏيارڻ ۾ ڪوئي ڪردار ادا نه ڪيو آهي
اقوام متحده جا جنرل سيڪريٽري، آمريڪا جا صدر بارڪ اوباما، برطانيه جي وزير اعظم ٽريساما، آمريڪا ۽ برطانيه جا پرڏيهي کاتا ۽ آمريڪا، برطانيه، جرمني ، اولھھ ۽ اوڀر يورپ ۽ سڄي دنيا جي انساني حقن جون تنظيمون مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن کي بند ڪرائين
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ذميوارن جي اجلاسن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: پهرين آگسٽ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون ۽ نه ڪائي رتو ڇاڻ چاهيون ٿا ۽ اسان صرف امن چاهيون ٿا. اسان ڪنهن کي به مارڻ نه ٿا چاهيون ۽ اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته ڪوئي اسان جي ماڻهن کي به نه ماري. اسان جو چوڻ صرف اهو آهي ته اسان جي ماڻهن تي ظلم بند ڪريو ۽ ظلم ڪرڻ وارن سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. اقوام متحده جا سيڪريٽري جنرل ، آمريڪا جا صدر بارڪ اوباما، برطانيه جي وزير اعظم ٽريساما، آمريڪا ۽ برطانيه جا پرڏيهي کاتا،آمريڪا، برطانيه ، جرمني، اولھھ ۽ اوڀر يورپ ۽ سڄي دنيا جي انساني حقن جون تنظيمون پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن کي بند ڪرائين. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپوخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار زونن جي ذميوارن جي اجلاسن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو .پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين سوره العصر جي تلاوت ۽ ترجمو پيش ڪندي فرمايو ته هن سوره پاڪ ۾ الله تعالٰي زماني جي قسم کائي ڪري فرمائي ٿو ته انسان گهاٽي ۾ آهي. پر اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ جيڪي حق جي تلقين ڪندا رهيا ۽ صبر ڪندا رهيا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد کي 38 سال ٿي چڪا آهن ۽ ان عرصي ۾ مهاجر ازم جي نظريي جي لاءِ ڪارڪنن ڏينهن رات ڪم ڪيو. گهڻا ئي ڪارڪنَ تحريڪ ڇڏي ڪري هليا ويا  يا انهن جون ترجيحات تبديل ٿي ويون پر الله سائين جي فضل و ڪرم سان سينيئر ڪارڪن اڄ به ثابت قدم آهن ۽ تحريڪ سان جڙيل آهن ۽ ڏينهن رات تنظيمي ڪم ۾ مصروف آهن. انهن فرمايو ته عملن جو دارومدار نيتن تي هوندو آهي ۽ انسان جو عمل پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏي ٿو ته ان جون ترجيحات ڇا آهن. 2013 کان وٺي 2016 تائين ٽن سالن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 61 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ تقريبن 135 ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو ۽ رينجر جي حراست ۾ انهن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. نائن زيرو تي ڇاپن جي دوران رينجر مختلف شعبن جي 200 کان وڌيڪ ذميوارن، ڪارڪنن ۽ پاڙي وارن کي گرفتار ڪيو ۽ جڏهن رينجر جا اهلڪار رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لڳا ته رينجر پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته عامر خان کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي بلڪه اهي مهمان جي حيثيت سان اسان سان گڏ وڃي رهيا آهن ۽ انهن کي جلد ڇڏيو ويندو. ٻئي ڏينهن ئي عامر خان کي منهن تي لٽو وجهي ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ انهن جو 90 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويو. انهن فرمايو ته پارليامينٽ ۽ عدالت ڪنهن به ملڪ جي آئين ۽ قانون جون محافظ هونديون آهن. جيڪڏهن پارليامينٽ سياسي مقصدن يا خوف جي ڪري سچ ڳالهائڻ کان قاصر هجي ته عدالت ميدان ۾ اچي ڪري آئين ۽ قانون جي حفاظت ڪري ٿي. پر اسان جي معاملي ۾ ڪائي به عدالت ميدان ۾ نه آئي. اسان کي چيو وڃي ٿو ته قانون جي پاسداري ڪئي وڃي.  پر ڪوئي به ان جو نوٽس وٺڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته گذريل 12 ڏينهن کان رينجر کي ڏنل پوليس جي اختيارن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. پر ان جي باوجود رينجر جي طرفان غير قانوني ڇاپن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. انهن فرمايو ته 38 سالن جي جدوجهد جي دوران ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. شهيدن جا قبرستان ڀرجي ويا پر اسان تمام تر ظلمن جي باوجود صبر ڪندارهياسين ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهياسين. پر نه ته ڪنهن به اسان جي دانهن ٻڌي ۽ نه ئي ڪو اسان کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ ميدان ۾آيو. انهن فرمايو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو فرض آهي ته اهي جيڪڏهن ڪنهن سان ظلم ، زيادتي ۽ نا انصافي تي هائي ڪورٽ جا چيف جسٽس ايڪشن نه وٺن ته سپريم ڪورٽ ان جو نوٽس وٺي. پر افسوس جو منهنجي تقرير ٻڌڻ وارن تي به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پر هائي ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحبان جي طرفان به ان جو ڪوئي نوٽس ورتو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي افسوس آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف به مهاجرن جي دانهن ۽ فريادن تي ڪوئي ڪن نه ٿا ڌرين ۽ انهن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ ڪوئي به ڪردار ادا نه ٿا ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر کي پوليس وانگر ڇاپن ۽ گرفتارين جا جيڪي اختيار حاصل هئا اهي ختم ٿي چڪا آهن ۽ قانوني طور تي ان وٽ ڇاپن ۽ گرفتارين جا اختيار نه آهن ان جي ڪري اها ڪهڙي قانون جي تحت ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ گرفتاريون ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته افسوس ان ڳالھھ جو آهي ته رينجر غير قانوني طور تي گرفتاريون ڪري رهي آهي. ڇاپا هڻي رهي آهي پر نه ته حڪومت ان کي روڪي رهي آهي ۽ نه وزير اعظم روڪي رهيا آهن ۽ نه ئي ڪورٽ سڳوري ان جو نوٽس وٺي رهي آهي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي رينجر جي غير قانوني ڇاپن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين کي روڪين. جناب الطاف حسين فرمايو ته 2013 کان شروع ڪيل آپريشن ۾ هن مهل تائين اسان جي 61 بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي. ان کان پهرين 1992 جي رياستي آپريشن ۾ به اسان جي 15 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو. پر اسان جي شهيد ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث ڪنهن به اهلڪار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. انهن فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمائي ٿو ته جيڪو ڪنهن مومن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته ان جو ٺڪاڻو جهنم آهي. جناب الطاف حسين بي گناهن جي ناحق قتل جي باري  ۾ ڪيتريون ئي حديثون به بيان ڪيون.انهن فرمايو ته الله تعالٰي قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته قصاص فرض آهي. انهن قرآن پاڪ جي سوره بقره جي آيت نمبر 178 به بيان فرمائي جنهن جو ترجمو هي آهي ته اي ايمان وارو توهان تي فرض آهي ته جيڪي ناحق ماريا وڃن ته توهان انهن جي رت جو بدلو وٺو. انهن فرمايو ته اسان کي پنهنجي شهيد ساٿين جو قصاص گهرجي. الله تعالٰي به انهن جي قاتلن کي ان وقت تائين معاف نه ڪندو جيستائين اهي ان تي معافي نه گهرندا يا قصاص نه ڏيندا. انهن فرمايو ته جن سرڪاري اهلڪارن اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي ناحق شهيد ڪيو آهي انهن کي گهرجي ته اهي الله تعالٰي کان معافي وٺن ۽ شهيدن جي پونئرن کان به معافي وٺن. اسان نه ته وڙهڻ چاهيون پيا ۽ نه وڙهڻ چاهيون ٿا، اسان جو چوڻ صرف اهو آهي ته اسان جي ماڻهن تي ظلم بند ڪريو ۽ ظلم ڪرڻ وارن سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما، برطانيه جي وزير اعظم ٽريساما، آمريڪا ۽ برطانيه جي پرڏيهي کاتن، آمريڪا، برطانيه، جرمني ، اولھھ ۽ اوڀر يورپ ۽ سڄي دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ مهاجرن تي ٿيندڙ ظلمن کي بند ڪرائين. انهن فرمايو ته اسان ڪنهن سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون، اسان امن چاهيون ٿا، اسان رتو ڇاڻ نه ٿا چاهيون، اسان ڪنهن کي به مارڻ نه ٿا چاهيون. اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته ڪوئي به اسان جي ماڻهن کي  نه ماري. انهن فرمايو ته جيڪڏهن اقوام متحده ۽ عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڪوئي عالمي فورم جوڙين ته مان اتي ثابت ڪندس ته پاڪستان مذهبي انتها پسندن جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي. انهن ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ گڏجي ڪري پنهنجي جدوجهد جاري رکن. 

4/23/2024 5:04:50 PM