Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شاھ فيصل ٽائون ۽ سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي رينجر جا ڇاپا قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


شاھ فيصل ٽائون ۽ سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي رينجر جا ڇاپا قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/28/2016
شاھ فيصل ٽائون ۽ سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي رينجر جا ڇاپا قابل مذمت آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
رينجر تربيتي نشستن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن يوسي آرگنائيزر محمد صمد ۽ ڪميٽي ميمبر عمران سرمدي ۽ ڪارڪن عدنان کي گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 28 جولائي 2016 
  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي شاھ فيصل ٽائون ۽ سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽائون آفيسن تي رينجر جي غير قانوني ڇاپن ۽ بي ڏوهي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شاھ فيصل ڪالوني ۽ سرجاني ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي تربيتي نشستن جا اجتماع منعقد ٿيڻا هئا. جن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪرڻو هو. پر رينجر جي وڏي نفري سرجاني ٽائون ۽ شاھ فيصل ٽائون آفيسن جو گهيراءُ ڪري تربيتي نشستن جي شرڪاء کي خوفزده ڪيو. ۽ انهن کي ڌمڪيون به ڏنيون. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر شاھ فيصل ٽائون کان ايم ڪيو ايم 9 جي يوسي آرگنائيزر محمد صمد، ڪميٽي ميمبر عمران سرمد ۽ عدنان کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته انهي يوسي جي جوائنٽ آرگنائيزر محمد ياسر جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهر تي به ڇاپو هنيو. جڏهن ته سرجاني ٽائون ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيئي ڪري ڀڄايو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته آئيني ۽ قانوني طور تي رينجر کي ڏنل پوليس اختيارن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي ۽ رينجر کي ڇاپن ۽ گرفتارين جو ڪوئي به اختيار نه آهي. پر ان جي باوجود رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي غير قانوني ڇاپا هڻي ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته رينجر اهلڪارن جي نظر ۾ آئين ۽ قانون جي ڪائي به حيثيت نه آهي ۽ رينجر ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون نافذ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم پرامن جمهوري جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ غير قانوني ڇاپن سان نه ته ايم ڪيو ايم کي جدوجهد کان باز رکي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ڪارڪنن کي خوف زده ڪري سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي ڪراچي ۾ رينجر جي غير قانوني ڪاروائين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽس وٺن ۽ انهن جي خلاف آواز به بلند ڪن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان به مطالبو ڪيو ته اهي رينجر جي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپن ۽ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائين ۽ مهاجرن جي  انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو سلسلو به بند ڪرائين. 

4/23/2024 11:23:08 AM