Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نامزد ميئر وسيم اختر پنهنجي طرفان منسوب ڪيل ڪوڙي بيان جو ڀانڍو ڀڃي ڇڏيو. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل


نامزد ميئر وسيم اختر پنهنجي طرفان منسوب ڪيل ڪوڙي بيان جو ڀانڍو ڀڃي ڇڏيو. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل
 Posted on: 7/27/2016
نامزد ميئر وسيم اختر پنهنجي طرفان منسوب ڪيل ڪوڙي بيان جو ڀانڍو ڀڃي ڇڏيو. رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل
ڪنور نويد جميل وسيم اختر جو ڪراچي سينٽرل جيل کان لکيل خط به صحافين کي پيش ڪري ڇڏيو
وسيم اختر پنهنجي هٿ سان لکيل خط ۾ 12 مئي سانحي جي حوالي سان پنهنجي طرفان منسوب ڪيل اعترافي بيان جي سختي سان ترديد ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ خبرن کي به ڪوڙو قرار ڏنو آهي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪنور نويد جميل جي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 27 جولائي 2016 
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل ميڊيا جي سامهون ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر جو جيل کان لکيل خط پيش ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ وسيم اختر چيو آهي ته ڪالھھ ميڊيا ۾ 12 مئي جي حوالي سان مون سان منسوب ٿيل خبرن کي مان بلڪل رڌ ڪريان ٿو ۽ مان 12 مئي جي حوالي سان ڪوئي به بيان نه ڏنو آهي ۽ نه ڪو 12 مئي جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي. بلڪه مان ته پنهنجن پوين بيانن کي ورجايان ٿو ته 12 مئي جي سانحي جي اعلٰي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. ڪنور نويد جميل چيو ته وسيم اختر جو ميڊيا ٽرائل ڪري وسيم اختر ۽ ايم ڪيو ايم جي ساک کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي . انهن چيو ته ميڊيا خبرون هلائڻ کان اڳ انهن جي تصديق ڪري وٺي ته اهو تمام بهتر ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ۽ ساٿي اسحٰق به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته 12 جو واقعو ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهرين ايم ڪيو ايم ئي ان جي جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪيو هو ۽ ان ۾ ايم ڪيو ايم جا به 14 بي گناھ ڪارڪن شهيد ٿيا هئا. انهن چيو ته هونئن ته ٻين سياسي جماعتن به اهو دعوٰي ڪيو هو ته انهن جا به ڪارڪن شهيد ٿيا هئا پر انهن جا بيان صرف بيان ئي رهيا.انهن چيو ته هائي ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل ڪميشن 12 مئي جي حوالي سان ٻڌڻي ڪئي ۽ ان جي رپورٽ به آئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪنهن به اڳواڻ يا ڪارڪن تي ڪوئي به الزام نه لڳايو ويو ۽ نه ئي ڪنهن کي نامزد ڪيو ويو ۽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ به لڳاتار ان جو ذڪر رهيو  پر ان ۾ به ڪنهن به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ يا ڪارڪن کي ملوث نه ڪيو ويو. انهن چيو ته ڪالھھ ئي ڪراچي ۾ فوج جا ٻه سپائي شهيد ٿيا ۽ پوين ٻن مهينن ۾ ڪراچي مان سنڌ هائي ڪورٽ جي وڏي جج جو پٽ اغوا ٿيو ۽ امجد صابري جو قتل ٿيو. پر انهن ڪيسن ۾ ته ڪائي به اڳڀرائي نه ٿي آهي پر انهن کي نظر اچي ٿي ته صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم نظر اچي ٿي.  انهن چيو ته 12 مئي جو جڏهن واقعو ٿيو ته ان وقت وسيم اختر وزير اعلٰي سنڌ جا مشير داخلا هئا ۽ انهن  جي مٿان اهو الزام لڳائڻ ته انهن فائرنگ ڪرڻ جا حڪم ڏنا بلڪل ڪوڙ ۽ بهتان آهي ۽ جنهن پوليس آفيسر اهو من گهڙت ۽ ڪوڙو بيان پنهنجي طرفان بڻائي ڪري ميڊيا کي ڏنو آهي اهي پوليس جي کاتي ۽ ڪراچي جي امن و امان سان ڪيترا سچا آهن اهو عوام چڱي نموني ڄاڻي ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم 12 مئي جي واقعي جي تحقيقات جو پاڻ مطالبو ڪري چڪي آهي پر 9 سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن رينجر جي ٽي ساله ڪارڪردگي تي سوال اٿي رهيا هئا ۽ جڏهن اها ڳالھھ ٿي رهي هئي ته پوليس پنهنجين صلاحيتن ۾ ڪيترو اضافو ڪيو آهي ۽ جڏهن ته ڪالھھ سڄو ميڊيا ٻن فوجين جي شهادت جي ڪوريج تي لڳل هو ته اهڙي وقت ۾ وسيم اختر جي ڪوڙي  ۽ من گهڙت تفتيشي رپورٽ بڻائي ڪري ميڊيا کي ڏيڻ  ۽ ميڊيا تي مختلف ذريعن کان اهو دٻاءُ وجهڻ ته وسيم اختر جي خبر کي هيڊ لائين ۾ سڀني کان اڳ ۾ رکو. اها هڪ گهري سازش آهي. انهن اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت ۾ باضمير ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي ايم ڪيو ايم جيڪا ڪراچي جي 85 سيڪڙو ماڻهن جي نمائنده جماعت آهي ان جي خلاف اهو سازشن جو سلسلو بند ڪرائين.انهن چيو ته سڄي دنيا واقف آهي ته 12 مئي تي سابق چيف جسٽس آف پاڪستان ڪراچي تشريف آڻي رهيا هئا ۽ چيف جسٽس صاحب سان ته ايم ڪيو ايم جي ڪائي به دشمني نه هئي ۽ اها سڄي لڙائي اسٽيبلشمينٽ ۽ چيف جسٽس جي هئي. انهن چيو  ته نه ئي ايم ڪيو ايم چيف جسٽس صاحب کي برطرف ڪيو هو ۽ نه ئي ايم ڪيو ايم انهن کي نظر بند ڪيو هو. انهن چيو ته وقت سان گڏو گڏ هاڻي ڪراچي جي ماڻهن ۾ اهو احساس مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو پيو وڃي ته ڪراچي کي هڪ ڪالوني وانگر هلايو  پيو وڃي ۽ آپريشن جي به جيڪڏهن ڳالھھ  ڪئي وڃي ٿي ته اها صرف ۽ صرف ڪراچي جي لاءِ ڪئي وڃي ٿي . انهن چيو ته ڪراچي ۾ ٽن سالن جي دوران هزارين ڇاپا هنيا ويا ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل به ڪيو پيو وڃي.پر ڪراچي جي مسئلن ڏانهن ڪنهن جي به توجه نه آهي ۽ سڄو ڪراچي ڪچري جو ڍير بڻجي چڪو آهي. پر ان جي لاءِ نه اسٽيبلشمينٽ ڳالھھ ڪري ٿي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت ڳالھھ ڪري ٿي ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ڳالھھ ڪري ٿي ۽ پر جيڪڏهن سڄي طاقت استعمال ڪئي وڃي ٿي ته اها صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو وڃي ٿو. انهن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته ڪراچي وارن سان لڳاتار زيادتي ٿي رهي آهي. انهن چيو ته ڪراچي ۾ وڏا واقعا ٿيا قصبه علي ڳڙھ جو واقعو ٿيو. سهراب ڳوٺ جو واقعو ٿيو. ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن کي لياري گينگ وار جي ڏوهارين لياري ۾ وٺي وڃي ڪري انهن کي ذبح ڪيو پر انهن  واقعن جو ڪوئي به وڏو ڏوهاري جيل ۾ نه آهي ۽ جن گينگ وار وارن ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ وارن کي قتل ڪيو ته ان وقت جي وزير داخلا ذوالفقار مرزٰي قتل ٿيندڙن جي وارثن تي دٻاءُ وجهي ڪري انهن کي ڪيس واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوليس تي دٻاءُ وجهي ڪري انهن سمورن ڏوهارين کي به آزاد ڪرائي ورتو. پر انهن کان ڪوئي به پچڻ وارو نه آهي. شير شاھ جو واقعو ٿيو اتي به بي گناھ مهاجر ماريا ويا ۽ انهن جي پونئرن تي به دٻاءُ وجهي ڪري ڪيس کي واپس وٺرايو ويو. پر اهو به ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي. پر نظر اچن ٿا ته صرف ايم ڪيو ايم ۽ وسيم اختر . انهن چيو ته وسيم اختر کي صرف ان جي سزا ڏني پئي وڃي جو انهن ڪراچي آپريشن جي زيادتين تي کلي ڪري ڳالهايو. انهن چيو ته وسيم اختر کي جڏهن انهن جي وڪيلن جيل ۾ ٻڌايو ته اوهان جي حوالي سان ان قسم جو خبرون هلي رهيون آهن ته انهن فورن چيو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي ۽ پوءِ انهن پنهنجي هٿ سان هڪ خط لکي ڏنو جيڪو ميڊيا کي جاري ڪيو ويو آهي. انهن چيو  ته 27 ڊسمبر تي جڏهن محترمه بي نظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو ته رت جي هولي صرف ڪراچي ۾ کيڏي وئي هتي فيڪٽرين کي لٽي ڪري ساڙيو ويو ۽ عورتن جون عزتون لٽيون ويون ۽ هزارين گاڏين کي به ساڙيو ويو. پر انهن مان اڄ تائين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو آهي . انهن چيو ته ذوالفقار مرزٰي ٻن لکن ڪلاشنڪوفن جا لائسنسن جاري ڪيا ۽ چيو ته مان اهي لائسنس ڪي شادي ۾ فائرنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ڏناآهن ۽ مان اهي مهاجرن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ ڏنا آهن. پر ڇا اسٽيبلشمينٽ انهن کي گرفتار ڪيو؟ انهن چيو ته ذوالفقار مرزٰي ايس پي آفيس ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪئي پر اهي پوءِ به قانون جي پڪڙ کان محفوظ رهيا. انهن چيو ته اسد کرل جو واقعو ٿيو انهن تي به معمولي قسم جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن سچائي ۽ حقيقت جو سامنو ڪرڻو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين جي حڪمرانن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ معلوم ڪيو وڃي ته ڪنهن جي حڪومتن ۾ سانحا ٿيا ته انهن کي به جيلن ۾ بند ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن  اهو سڀ ڪجھھ نه ٿو ڪيو وڃي ته پوءِ اسان اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته اسٽيبلشمينٽ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي هڪ ڪالوني بڻائي ڇڏيو آهي. انهن چيو ته ڪنهن جي ڪراچي جي زمينن تي نظر آهي ته ڪنهن جي ڪراچي جي پيسن تي نظر آهي، پر ڪراچي وارن جي ڪنهن کي به پرواھ نه آهي. انهن چيو ته ميئر وسيم اختر ئي رهندا ۽ انشاء الله تعالٰي اهي تمام جلد جيل کان باعزت طريقي سان آزاد ٿيندا. 



4/18/2024 4:22:24 PM