Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ مهاجرن جي نسل ڪشي، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن جي نشر و اشاعت تي پابندي ۽ لڳاتار مهاجرن جي ماورائي عدالت قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم جو وائيٽ جي سامهون عظيم الشان مظاهرو


ڪراچي ۾ مهاجرن جي نسل ڪشي، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن جي نشر و اشاعت تي پابندي ۽ لڳاتار مهاجرن جي  ماورائي عدالت قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم جو وائيٽ جي سامهون عظيم الشان مظاهرو
 Posted on: 7/25/2016
ڪراچي ۾ مهاجرن جي نسل ڪشي، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جناب الطاف حسين جي تقريرن، بيانن ۽ تصويرن جي نشر و اشاعت تي پابندي ۽ لڳاتار مهاجرن جي  ماورائي عدالت قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم جو وائيٽ جي سامهون عظيم الشان مظاهرو
مهاجر ڪارڪنن هر ڏکئي وقت ۾ تحريڪي جدوجهد کي جاري رکيو آهي ۽ هن رستي ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ اڄ جي هن عظيم الشان مظاهري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مهاجر قوم پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
آمريڪا ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون مظاهري کي خطاب
واشنگٽن ڊي سي: 25 جولائي 2016 
               ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام واشنگٽن ۾ وائيٽ هائوس جي سامهون هڪ عظيم الشان مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي شرڪاء ڪراچي ۾ جاري مهاجرن جي خلاف آپريشن، غير قانوني ڇاپن، گرفتارين، سرڪاري قيد خانن ۾ وحشياڻي تشدد جو بڻائڻ ۽ سياسي وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ، انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، مهاجر ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، قائد تحريڪ جناب  الطاف حسين جي تقريرن، تصويرن ۽ بيانن جي نشر و اشاعت تي پابندين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف متعصبانه آپريشن جي خلاف پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت، آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف، ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه آمريڪا جي 20 رياستن سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي نديم نصرت چيو ته جڏهن به ايم ڪيو ايم تي برو وقت آيو آهي ته ڪارڪنن ئي تحريڪي جدوجهد کي جاري رکيو آهي ۽ انهن ئي هن حق پرستي جي رستي ۾ جانيون قربان ڪيون آهن. انهن چيو ته وائيٽ هائوس جي سامهون عظيم الشان مظاهري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مهاجر قوم فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي ته اها حق پرستي جي رستي ۾ ايندڙ هر مشڪل کان نڀرڻ جي لاءِ تيار آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو سڀني کان وڏو ڏوھ اهو آهي ته ان باطل قوتن جي طرفان هر پرڪشش فائدي کي ٿڏو هنيو ۽ وڪامجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قيادت پهرين ئي ڏينهن کان طاقتور قوتن جي زير عتاب رهي آهي ۽ انهي ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان سان لاڳاپيل ڪروڙين مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. انهن چيو ته جيڪو ظلم ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن تي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي ان جي مثال ماضي ۾ نه ٿي ملي. انهن چيو ته ملا عبدالعزيز ۽ حافظ سعيد جهڙا ماڻهو جيڪي دنيا کي گهربل  طالبان جا حمايتي ۽ سهولت ڪار آهن ۽ اهي پاڪستان جي آئين کي به نه ٿا مڃن ۽ انهن جي چوڻ تي پاڪ فوج جي جوانن تي گوليون وسائي ڪري انهن کي شهيد به ڪيو ويو آهي پر اهي اڄ به آزاد گهمي رهيا آهن. پر پابنديون آهن ته صرف قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ، ايم ڪيو ايم ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف تي . ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف چيو ته پاڪستان ۽ ان جي وسيلن تي قابض قوتن پنهنجن ذاتي فائدن جي لاءِ پاڪستان کي تباھ و برباد ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته حال اهو آهي ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعن جو تعلق پاڪستان سان نه صرف جوڙيو وڃي ٿو پر ان حوالي سان پاڪستان کي مذهبي انتها پسندن جي جنت به قرار ڏنو وڃي ٿو. انهن چيو ته جيڪي عالمي دهشت گرد  دنيا کي گهربل هجن ٿا اهي يا ته پاڪستان ۾ ماريا وڃن ٿا يا پاڪستان مان ئي ملن ٿا

4/19/2024 2:28:22 PM