Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد ۾ 10 سالن جي ٻار حماد جي اغوا ۾ ملوث رينجر اهلڪار کي گرفتار نه ڪرڻ جي مان سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ڊاڪٽر سليم دانش


حيدرآباد ۾ 10 سالن جي ٻار حماد جي اغوا ۾ ملوث  رينجر اهلڪار کي گرفتار نه ڪرڻ جي مان سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ڊاڪٽر سليم دانش
 Posted on: 7/24/2016
حيدرآباد ۾ 10 سالن جي ٻار حماد جي اغوا ۾ ملوث  رينجر اهلڪار کي گرفتار نه ڪرڻ جي مان سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ڊاڪٽر سليم دانش
لنڊن: 24 جولائي 2016 
                 ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر سليم دانش حيدرآباد ۾ 10 سالن جي ٻار حماد جي اغوا ۾ ملوث رينجر جي اهلڪار کي گرفتار نه ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته حيدرآباد حالي روڊ کان 10 سالن جي ٻار حماد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رينجر اهلڪار کي ماڻهن پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو ۽ ٿاڻي ۾ انهن پنهنجو نالو طاهر محمود ۽ پنهنجي پاڻ کي رينجر جو اهلڪار ظاهر ڪيو ۽ ثبوت جي طور تي رينجر جو شناختي ڪارڊ به ڏيکاريو پر  ٻار جي والدين ۽ پاڙي وارن جي مطالبي جي باوجود پوليس مذڪوره اهلڪار جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ صرف روزنامچي ۾ انهن جو اندراج ڪري رينجر جي مقامي ڪمانڊر کي انهن جي اطلاع ڏيئي ڇڏي ۽ ڪجھھ دير کان پوءِ ئي رينجر جون ٻه موبائيلون ٿاڻي ۾ پهتيون ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويون. ڊاڪٽر سليم دانش چيو ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته رينجر جا اهلڪار غير قانوني هائيڊرينٽس، شادي هالن ۽ زمينن جي غير قانوني خريد و فروخت سان گڏو گڏ  معصوم ٻارن جي اغوا جهڙن ڏوهن ۾ ملوث ٿي ڪري امير کان امير تر ٿيندا پيا وڃن. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي وردي جي آڙ وٺي ڪري غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ٽولن کي مقدس ڳئون سمجهڻ ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي تحفظ جي لاءِ ڏوهن ۾ ملوث ٽولن جي احتساب جي لاءِ گڏ ٿي وڃن.
*****

4/25/2024 1:44:35 AM